ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي رياست لاءِ چيلنج بڻجي وئي، عدالت پوليس جي جاچ تي افسوس جو اظهار ڪندي گھرو  ۽ بچاءِ وارن سيڪريٽري کان رپورٽون طلب ڪري ورتيون، ڪالهه ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس جي جاچ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڇا عمر زمان حراستي مرڪزن ۾ قيد آهي؟  عدالت جاچ آفيسر کي حراستي مرڪزن کي خط لکڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته هن وقت تائين ڇا ٿيو آھي؟ توهان وٽ ڪو جواب ئي ناهي، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته جي آءِ ٽيز جا 22 اجلاس ٿيا پر ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي، عدالت گھرو ۽ بچاءَ وارن سيڪريٽرين کان رپورٽون طلب ڪندي 28 مارچ تائين اڳڀرائپ رپورٽ طلبي ورتي، ڪالهه عمر زمان جي زال عدالت کي ٻڌايو ته عمر زمان 2014ع ۾ سٽي ڪورٽ مان گم ٿي ويو هو، هوڏانهن سرجاني ٽائون ڀرسان لياري ايڪسپريس وي تان 17 جنوري 2013ع تي گم ٿيل شھري حسين پڻ بازياب نه ٿي سگهيو، وارثن موجب پوليس نامعلوم ماڻهن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو آهي،