خيرپور (رپورٽر) عمرڪوٽ جي رهواسڻ نوجوان ناري مسمات عليشا ڌيءَ علي نواز  انصاري ۽ نوجوان حسين بخش پٽ سردار ڌونڪائي خيرپور ۾ عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو. بعد ۾ جوڙي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان پنهنجي مرضيءَ سان عدالتي نڪاح ڪيو آهي پر ناريءَ جو والد ۽ ٻيا مائٽ اسان جي پرڻي تان ناراض ٿي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪرائڻ چاهين ٿا. هنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي عمرڪوٽ، ايس ايچ او ٿاڻو سامارو کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪري سندن زندگيون بچايون وڃن.