ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد شهر جي باءِ پاس روڊ تي ڇني موڙ وٽ  بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان 6 دڪانن جي ڇاپرن کي باھ لڳي وئي،  باھ لڳڻ سبب 6 دڪانن جا ڇاپرا، ھڪ ڪيبن ۽ ھڪ موٽرسائيڪل  سڙي رک ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع باوجود  فائربرگيڊ گاڏي نه پهتي، ٻي طرف دڪاندارن عدنان عباسي، اظھر جلباڻي ، دلدار جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾   ٽائون انتظاميا ڀان خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.