خيرپور (رپورٽر) رتوديرو رهواسڻ نوجوان ناري مسمات امبرين ڌيءَ ممتاز علي ميراڻي  ۽ نوجوان رستم پٽ دريا خان ڪڙيو خيرپور ۾ عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو. بعد ۾ جوڙي صحافين کي ٻڌايو ته اسان پنهنجي مرضيءَ سان عدالتي نڪاح ڪيو آهي پر مائٽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪارو ڪاريءَ جي الزام هيٺ قتل ڪرائڻ چاهين ٿا. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ايس ايچ او رتوديرو ۽ نئون ديرو کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪري سندن زندگيون بچايون وڃن.