باھو کوسو (ن پ ا)  ڊيرامراد جمالي جي  ابڙا محلا ۾ نجي اسڪول جا ٻه معصوم شاگرد چوٿين ڪلاس جو پير بخش ولد محمد ياسين ابڙو ۽ ٽئين ڪلاس جو نويد احمد ولد عبدالرشيد ابڙو پٽ فيڊر ڪينال ۾ وھجندي ٻڏي ويا، شھرين لاش ڪڍيا، جتي ٻنھي ٻارڙن جي سڃاڻپ ڪئي وئي، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. امڙيون پنھنجي معصوم ٻارڙن جي لاشن کي ڏسي بيھوش ٿي ويون. پوليس موجب ٻئي ٻارڙا گرمي سبب پٽ فيڊر ڪينال ۾ وھنجندي ٻڏي فوت ٿي ويا آھن.