ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ )  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي قتل ڪرائڻ جا الزام هڻڻ تان 10 ارب رپين جي هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو، نائيڪ ايسوسيئٽس پاران موڪليل ليگل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عمران خان 27 جنوري تي آصف علي زرداري تي قتل جي سازش سٽڻ لاءِ پلان سي جوڙڻ جو الزام لڳايو آھي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي بي بنياد ۽ ڪوڙي الزام سبب آصف علي زرداري جي ساک کي نقصان پهتو آهي، نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي  ته عمران خان 14 ڏينهن ۾ غير مشروط معافي وٺي، ٻي صورت ۾ سندس خلاف پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، واضح رهي ته عمران خان 27 جنوري تي مختلف چينلز کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ۾ آصف علي زرداري تي قتل ڪرائڻ جا الزام لڳايا ھئا.