ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت سيڪريٽرين جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن،. ڪالهه ورڪس اينڊ سروس کاتي  جي سيڪريٽري شارق احمد کي هٽائي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري عمران عطا سومرو کي بدلي ڪري کيس ورڪس اينڊ سروس ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي 20هين گريڊ جي اسپيشل سيڪريٽري نديم الرحمان کي بدلي ڪري کيس  اطلاعات کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.