غزه(م ڊ) اسرائيلي فورسز اولهندي ڪناري ۾ حملا ڪري 11 فلسطيني شهيد ڪري ڇڏيا. فلسطين جي صحت واري وزارت موجب نابلس ۾ اسرائيل حملا ڪيا جنهن ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ 20 سالن جو نوجوان ۽ 74 سالن جو بزرگ به شامل آهي. جنگي جهازن جي بمباري سان ڪيترائي گهر به تباهه ٿي ويا. شهيدن جي جنازي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ اسرائيلي فوج خلاف نعره هنيا. هنن عالمي برادري کان اسرائيل جي دهشتگردي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. حملن ۾ 110 فلسطيني زخمي به ٿيا جن مان ڪيترن ئي جي حالت نازڪ آهي.