ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي ڪوآرڊينيشن اينڊ امپليمينٽيشن ڪاميٽي جي ڏهين اجلاس ۾ ڪراچي جي ٽن نالن تان حددخليون هٽائڻ دوران بي گهر ٿيل ماڻهن جي لسٽ ۾ وڌيڪ 674 نالا شامل ڪرڻ، ملير ايڪسپريس وي،  ڪي فور تي ڪم تيز ڪرڻ ۽ گجر نالي جي سول ڪم کي مڪمل ڪرڻ  انهي تي ايندڙ رڪاوٽون هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته  اين فائيو ۽ ايم نائين جي وچ ۾ موجود لنڪ روڊ تي ڪم شروع ٿي ويو آهي. جيڪو ايجوڪيشن سٽي، ڊي ايچ اي سٽي ۽ بحريا ٽائون کي سپر هاءِ وي سان ڳنڍيندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه رستن تان مٽيريل کڻڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي جيڪا منصوبي جي اڳڀرائي ۾ رنڊڪ بڻجي رهي آهي. ان تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار پنهنجي ٽيم کي معاملي کي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.  ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ ٽنهي گندي نالن محمود آباد، گجر ۽ اورنگي بابت ٻڌايو ته 674 ايل ڊي پيز وڌڻ سان بي گھر ماڻهن جو انگ 6258 مان وڌي 6932 ٿي ويو آهي. وڏي وزير 674 ايل ڊي پيز جي اضافي ۽ نالي جي تبديلي يا رينٽل سپورٽ ادائيگي جي منظوري ڏني. ايف ڊبليو او ٻڌايو ته 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ننڍا ڪم مڪمل آهن. رهيل باقي ڪم مڪمل ڪيو ويندو جنهن لاءِ حڪومت کي لڳ ڀڳ 2 ارب رپيا جاري ڪرڻا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو وفاق سان ڳالهائيندو ته گهربل فنڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن سمورا ڪم مينهوڳي مند کان اڳ مڪمل ٿي سگهن. هن مڪاني ادارن واري کاتي کي هدايت ڪئي ته وڏن نالن جي باقاعده صفائي ڪرائي وڃي. گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلاءِ جي پي ڊي عامر مغل ٻڌايو ته منصوبي جي مجموعي رفتار 10 سيڪڙو آهي وڏي وزير چيو ته هن وقت تائين 21 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿيڻ گهرجي ها هن پي ڊي کي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪي فور جي جاري خرچن لاءِ وڌيڪ 45 ارب رپين جي ضرورت آهي. وڏي وزير چيو ته هو وفاق کي درخواست ڪندو ته فنڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن منصوبي کي مڪمل ڪري سگهجي. سيڪريٽري بلديات نجم شاهه جي آگاهي ڏيڻ تي چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ٻڌايو ته لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن کي واضح هدايتون ڏنيون آهن ته زمين قبضي جا مسئلا حل ڪري کين رپورٽ ڏني وڃي. آبپاشي سيڪريٽري سهيل قريشي ٻڌايو ته ڪراچي کي ڪينجهر گجو ڪئنال ذريعي 1200 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي جڏهن ته 1991ع جي معاهدي موجب ڪراچي جو حصو فقط 600 ڪيوسڪ آهي. اجلاس کي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته ڪوٽڙي بئراج هيڊ جي ساڄي پاسي وارو ڪلري بگهياڙ فيڊر جو ڊسچارج 9100 ڪيوسڪ آهي هن وقت مٿانهون وهڪرو9100 ڪيوسڪ جي ڀيٽ ۾ 7700 وهڪرو آهي. 1200 ڪيوسڪ اضافي ڊسچارج لاءِ نئون منصوبو ڪي فور شروع ڪيو آهي، هن ڪي بي فيڊر جي لائيننگ لاءِ هڪ اسڪيم تيار ڪئي آهي جنهن کي پي ڊي ڊبليو پي ڪليئر ڪيو آهي ۽ وڌيڪ پروسيسنگ لاءِ سي ڊي ڊبليو پي کي موڪليو ويو آهي. ان تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو منظوري لاءِ وفاقي وزير احسن اقبال سان ڳالهائيندو.