ڪيف(م ڊ) روسي جارحيت کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي يوڪرين جي سينٽرل بئنڪ يادگاري نوٽ جاري ڪيو آهي. نوٽ جي هڪ پاسي ٽي فوجي اهلڪار يوڪرين جو جهنڊو ڦڙڪائي رهيا آهن، جڏهن ته 20 ريونيا (يوڪريني ڪرنسي) نوٽ جي ٻئي پاسي ٻه هٿ ٽيپ سان جڙيل ڏيکاريا ويا آهن. اهي هٿ يوڪرين ۾ روسي فوج پاران ڪيل جنگي ڏوهن جي نمائندگي ڪن ٿا.