اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ايپڪس ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو، ذريعن موجب ايپڪس ڪاميٽي جو اجلاس اڄ 3 وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو، ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ عسڪري ۽ سول قيادت شريڪ ٿيندي، اجلاس ۾ ملڪي امن امان جي صورتحال تي غور ڪيو ويندو، ذريعن موجب اجلاس ۾ پشاور ڌماڪو، ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعن تي بريفنگ ڏني ويندي، اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت به غور ٿيندو، ذريعن موجب اجلاس ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير به شريڪ ٿيندا.