اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان سازش جو خط بشريٰ بي بي  جي هدايت تي آندو، بشريٰ بي بي ادارن ۽ مخالفن خلاف مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي، عمران خان ماسٽر مائينڊ بشريٰ بي بي جي هدايت تي پرڏيهي سازش جو بيانيو گهڙيو، عمران خان تي ڪو الزام لڳائي ڪرپشن ثابت ڪري ته اهو ان کي غداري سان جوڙي ٿو، هن چيو ته صادق ۽ امين هيرن جو ڪاروبار ڪري رهيو هو، توشا خانه جي خريد ۽ وڪري ۾ مصروف هو، هڪ نقاطي ايجنڊا هئي ته ڪيئن بني گالا کي مني گالا بڻايو وڃي. هاڻي رڙيون ان ڪري نڪري رهيون آهن ته جاچ شروع ٿي چڪي آهي، عوام کي جواب ڏيڻو آهي  اثاثن ۾ اضافو ڪيئن ٿيو؟  پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي اڳوڻي حڪومت مهانگائي جي ذميوار آھي، هن چيو ته پنجاب حڪومت جي بجيٽ ۾ روشن گهراڻو پروگرام شامل آھي جنهن تحت 100 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ بجلي قيمت ادا ڪرڻ کان آجو هوندو، عمران ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي.