اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايڪنڪ پاران لاهور-سيالڪوٽ موٽروي منصوبو منظور: حيدرآباد-سکر موٽروي تعمير قومي اسيمبلي مان قانونسازي سان مشروط، ڪالهه ناڻي وزير مفتاح اسماعيل  جي صدارت ۾ ايڪنڪ جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ 308 ارب 19 ڪروڙ، 40 لک رپين جي لاڳت سان بي او ٽي بنيادن تي حيدرآباد سکر موٽروي جي تعمير جي منصوبي کي منظور ڪيو ويو، ان رقم ۾ وفاقي حڪومت جو شيئر رڳو 10.3 ارب رپين جو هوندو، حيدرآباد سکر موٽروي 306 ڪلوميٽر 6 لائين وارو تعمير ٿيندو، منصوبي جي مشروط منظوري ڏني وئي آھي منصوبي تي ڪم کان اڳ ضابطي جون گهرجون پوريون ڪرڻ سان قومي اسيمبلي مان قانونسازي به ڪرائڻي پوندي، اجلاس ۾ ڪراچي لاءِ ٻن منصوبن جي منظوري ڏني وئي، جنهن ۾ اورنگي نالي جي بحالي لاءِ 15 ارب ۽ گجر نالي جي بحالي لاءِ 14 ارب 85 ڪروڙن جي منظوري ڏني وئي. ايڪنڪ 17 ارب 37 ڪروڙن جي لاڳت سان لاهور سيالڪوٽ موٽروي منصوبي کي ٽن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏني، پنجاب اربن لائين سسٽم منصوبي لاءِ 25 ارب وارسڪ رنگ روڊ لاءِ 16 ارب ، بلوچستان لاءِ منگي ڊيم لاءِ 13 ارب رپين جي منصوبي جي منظوري ڏني وئي.