عمران خان ڦري ويل ميمبرن جي تاحيات نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

0
142
عمران خان ڦري ويل ميمبرن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ڦري ويل ميمبرن جي تاحيات نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

عمران خان آرٽيڪل 184 تحت تاحيات نااهلي لاءِ آئيني درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، قانون واري سيڪريٽري ۽ ڪابينا جي سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو آهي، درخواست ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي ذريعي داخل ڪئي وئي آهي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڦري ويل ميمبرن کي تاحيات نااهل قرار ڏنو وڃي، جيڪو ميمبر پارٽي ڇڏڻ چاهي ته اهو پهريان اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي، پارٽي کان ڦري ويل ميمبرز ايماندار ۽ صادق ناهن رهندا

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ڦري ويلن کي ناسور قرار ڏئي چڪي آهي، انحراف ڪندڙ ميمبرن جي ووٽن جي ڳڻپ نه ڪيو وڃي

درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته منحرف ميمبرن جي ڏنل ووٽ کي تڪراري سمجهيو وڃي ۽ ٻيو ڪو به سبب ناهي جو منحرف ميمبرن کي تاحيات نااهل قرار نه ڏنو وڃي

ھي به پڙھندا

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس سميت 5 وزيرن کي برطرف ڪري ڇڏيو