سنڌ ۽ وفاقي حڪومت ۾ ختم ٿيندڙ وڇوٽيون

0
151
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

نئين چونڊيل وزيراعظم جي سنڌ جي دوري تي اچڻ کانپوءِ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت ۾ماضي ۾ پيدا ٿيل وڇوٽيون ختم ٿيندي نظر اچي رهيون آهن.نئون چونڊيل وزيراعظم جڏهن قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ سي ايم هائوس پهتو ته اهو پنجن سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو هو جو ڪو وزيراعظم سي ايم هائوس پهتو.جڏهن ته ان کان اڳ اڳوڻو وزيراعظم جڏهن به سنڌ جي گادي جي هنڌ ڪراچي ايندو هو ته نه رڳو وڏي وزير کي اطلاع ڏيڻ پسند نه ڪندو هو پر پنهنجون آئيني گهرجن کي به لتاڙيندي سڀ اجلاس گورنر هائوس ۾ ڪندو هو جڏهن ته سياسي مخالفت جي ڪري اڳوڻو وزيراعظم سنڌ کي پنهنجو صوبو مڃڻ کان به انڪار ڪندو هو.نه رڳو ايترو پر تبديلي سرڪار هوندي وفاقي حڪومت نه رڳو سنڌ جي ملڪيتن تي قبضي پر سنڌ حڪومت آڏو هر قسم جون رنڊڪون ۽ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جو واضح مثال سنڌ جي ٻيٽن ۽ ٽن وڏين اسپتالن تي قبضي جي ڪوشش هئي.پر نئين چونڊيل وزيراعظم جي ڪالهوڪي دوري سان اها اميد پيدا ٿي آهي ته جيڪي اڳئين حڪومت ۾ مسئلا پيدا ٿيا هئا اهي هن حڪومت جي هوندي شايد نه ٿين، جيڪا بهتر ڳالهه آهي پر انهي سان گڏ سنڌ حڪومت جي امتحان جو به وقت آهي ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ سنڌ حڪومت وٽ پنهنجي ڪارڪردگي جي جواب ۾ وفاق جي سهڪار نه ڪرڻ جو جواز موجود هوندو هو پر هاڻوڪي وفاقي سرڪار جي هوندي جيڪڏهن سنڌ سرڪار ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي ته اها عوام جي پڇاڻي کان بچي نه سگهندي.

سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي ڪيترائي سوال اٿندا رهيا آهن پر اها به حقيقت آهي ته اڳوڻي وفاقي حڪومت سنڌ آڏو ڪيترا ئي مسئلا پيدا ڪندي رهي .اين ايف سي ۾ سنڌ کي حصو پورو نه ڏيڻ يا مٿان ئي مٿان ڪٽوتيون ڪرڻ،سنڌ جي پاڻي جو حصو پورو نه ڏيڻ، گئس جي حصي کان محروم رکڻ ايستائين جو جيڪي اسپتالون سنڌ پنهنجي خرچ تي بهتر نموني هلائي رهي هئي انهن تي به وفاق قبضي جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته سنڌ جي ڪنهن به مسئلي يا شڪايت تي اڳئين حڪومت ڪو ڌيان نه ڌريوجنهن ڪري سنڌ حڪومت کي اهو جواز مليو ته وفاقي حڪومت جي سهڪار نه ڪرڻ ڪري اهي عوام کي ايڏي پئماني تي سهولتون نه ڏئي سگهيا آهن جيڪي اهي ڏيڻ چاهين ٿا. پر وزيراعظم جي ڪالهوڪي دوري تي جيڪي شيون آڏو آيون آهن ته انهي مان اها اميد پيدا ٿي آهي ته اڳتي وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ معاملا بهتر نموني هلندا.ڪي سي آر کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرائڻ جي خاطري،سنڌ جون ٽئي وڏيون اسپتالون سنڌ حوالي ڪرڻ جي اميد، ماس ٽرانزٽ پروگرام، ڪي فور منصوبي، ڄامشورو سيوهڻ روڊ ۽ ٻين منصوبن ۾ وفاق جي دلچسپي سان اها اميد پيدا ٿي آهي ته سنڌ حڪومت انهن مسئلن مان جلد جان ڇڏائيندي جيئن هو عوام کي ٻيون سهولتون بهتر نموني مهيا ڪري ڏئي سگهي.سنڌ جا جيڪي وڏا مسئلا آهن اهي پاڻي ۽ سنڌ جي گئس جو پوروحصو نه ملڻ آهن جنهن ڪري سنڌ جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو. هن وقت به سنڌ کي پنهنجي حصي کان 15 سيڪڙو گئس گهٽ ملي رهي آهي جڏهن ته پاڻي کوٽ سبب لڳاتار ٻن ٽن سيزنن ۾ زراعت بري نموني متاثر ٿي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت لاءِ هي بهترين موقعو آهي ته جيڪي گذريل وفاقي حڪومت سنڌ سان ناانصافيون ڪيون انهن جي ازالي لاءِ وفاق آڏو بهترين نموني ڪيس رکي،جنهن جي شروعات ڪالهوڪي وزيراعظم جي دوري سان ٿي آهي پر اهو ڪيس رڳو انهي دوري تائين محدود نه هجي .ٻيو ته هي سنڌ حڪومت لاءِ به امتحان جو وقت آهي ته وفاقي حڪومت جي سهڪار نه ڪرڻ جو جواز ڦٽي ڪري عوام جي ڀلائي لاءِ تڪڙا قدم کڻي. رڳو وڏا پراجيڪٽ نه پر بنيادي صحت مرڪزن کان وٺي اسپتالن ۾ عوام کي مڪمل علاج جي سهولتن کان وٺي پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ڊرينيج جي نظام جون سهولتون مهيا ڪرڻ  ۽ عام شين جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ به ان جي ئي ذميواري ۾ اچي ٿو ان  لاءِ قدم کڻي. ڇاڪاڻ ته هاڻي ڪٿان رنڊڪ اچڻ جو ڪو جواز موجود ناهي.