ڪراچي ( رپورٽ: دودو چانڊيو ) وزيراعظم شهباز شريف ڪراچيءَ کي پيئڻ جو پاڻي پهچائڻ لاءِ ڪي 4 منصوبي کي 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ، سکر _ حيدآباد موٽر وي ۽ ڪراچي  سرڪيولر ريلوي رٿائن کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرائڻ، اين آءِ سي وي ڊي، جناح سوڌو ڪراچيءَ جون 3 اسپتالون صوبي حوالي ڪرڻ، بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ  سميت وڏي وزير مراد شاهه پاران اٿاريل مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو آهي ته سندس دور ۾ سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ نه ٿيندو.  ڪراچيءَ جي دوري دوران وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سان ملاقات ۽ ترقياتي منصوبن بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته ملڪ کي گڏجي خوشحال ۽ پرامن بڻائڻو آهي. ڪراچي جي صنعتي علائقن (سائيٽ ايرياز )۾ سمورن روڊن جي تعمير جو خرچ  وفاقي حڪومت برداشت ڪندي، وزيراعظم وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته اسان ڪي سي آر کي واپس سي پيڪ ۾ شامل ڪرائي مڪمل ڪنداسين، ڪراچي جي 3 اسپتالن اين آءِ سي وي ڊي، جناح  ۽ اين آءِ سي ايچ  لاءِ وفاق ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ معاهدو ٿيندو، انهن اسپتالن جو ڪنٽرول سنڌ حڪومت کي ڏنو ويندو. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم آڏو سنڌ جو ڪيس پيش ڪندي  ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان، بجلي ۽ گيس جي مسئلن، ڄامشورو-سيوهڻ ڊبل ڪيريج وي، پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن، ڪراچي جي 3 اسپتالن جي ڪنٽرول، ڪراچي ماس ٽرانزٽ ۽ ڪراچي واٽر منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سنڌ جي دوري دوران تمام گهڻي خوشي ٿي، هن چيو ته 10 اپريل تي آئين جي فتح ٿي،  ڌانڌلي واري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو. هن چيو ته اسان کي گذريل حڪومت جي خاتمي تي جشن ملهائڻ بدران عوام جي خدمت ڪرڻي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي تڏهن ٿيندي، جڏهن سمورا صوبا ترقي ڪندا. هن چيو ته ملڪ ۾ بيروزگاري، مهانگائي ۽ ٻيا مسئلا آهن، اسان کي انهن کي حل ڪرڻو پوندو. هن وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته هو ماڙيپور ايڪسپريس وي، ايم-9  ۽ ايم 5 لنڪ روڊ، ملير ايڪسپريس وي، سنڌوءَ  تي اڏيل گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل، ٽي پي 4 ۽ حب ڪئنال رٿا  لاءِ مالي مدد فراهم ڪري. وڏي وزير بي آر ٽي منصوبن بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت ريڊ لائين بي آر ٽي سسٽم شروع ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ 250 بايو هائبرڊ بسون خريد ڪيون وينديون، جن ۾ روزانو 350000 کان وڌيڪ مسافر سفر ڪندا. جڏهن ته بي آر ٽي ريڊ لائين لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن، رٿا لاءِ  2000 اليڪٽرڪ بسون خريد ڪيون وينديون، انهن بسن جي خريداري تي 108 ارب رپيا خرچ ايندو، وزيراعليٰ چيو ته  بسن جي خريداري تي ايندڙ خرچ جو 50 سيڪڙو وفاق ڀري، جنهن تي وزيراعظم شهباز شريف کيس يقين ڏياريندي چيو ته وفاقي حڪومت بسن جي خريداري لاءِ سنڌ حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪندي.

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم آڏو سنڌ کي صوبي مان ملندڙ گيس جي مالڪيءَ جا اختيار ڏيڻ وارو معاملو اٿاريو، ان موقعي تي مراد علي شاهه چيو ته آئين موجب جنهن صوبي مان گئس نڪرندي آهي، ان تي پهريون حق صوبي جو هوندو آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي گيس ٻين صوبن کي فراهم ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب صوبي ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. هن چيو ته عمران حڪومت ڊبليو اي سي او جي پاليسي لاڳو ڪرڻ پي چاهي، جنهن ذريعي درآمدي گيس جي قيمت جو تعين درآمدي ۽ مقامي گيس جي پولنگ ذريعي ڪيو ويندو، هن چيو ته او جي ڊي سي ايل، پي پي ايل، پي ايس او، ايس ايس جي سي ايل، نيپرا ۽ اوگرا ۾ سنڌ جي نمائندگي ڏني وڃي، هن وزير اعظم کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ڳوٺن کي گيس فراهمي تان پابندي ختم ڪئي وڃي، جنهن تي  وزيراعظم چيو ته گيس جي منتقلي بابت منصوبا ٺاهي رهيا آهيون. صوبن کي گيس ۾ سندن حق ملندو. اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته ٿر جي ڪوئلي کي ملڪ جي مختلف شهرن ۾  پهچائڻ  لاءِ اسلام ڪوٽ کان ڇور تائين 105 ڪلوميٽر ريلوي پٽڙي وڇائڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، ريلوي واري وزارت انهي منصوبي جي فزيبلٽي تيار ڪري ورتي آهي. انهي منصوبي کي ڪم شروع ڪيو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ 12-12 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ان جو  تدارڪ ڪيو وڃي. هن انگ اکر پيش ڪندي چيو ته سيپڪو جي بجلي جي گهرج 777 ميگاواٽ آهي، جڏهن ته کيس 412 ميگاواٽ بجلي ملي رهي آهي، انهي حساب سان سيپڪو جو  بجلي بحران 365 ميگاواٽ آهي، حيسڪو کي 1050 ميگاواٽ جي طلب جي ڀيٽ ۾ 652 ميگاواٽ بجلي ملي ٿي، حيسڪو 398 ميگاواٽ کوٽ کي منهن پئي ڏئي، ڪي اليڪٽرڪ جي طلب 3213  ۽ سپلاءِ 2813 ميگاواٽ آهي، ڪي اليڪٽرڪ پڻ 400 ميگاواٽ بجلي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير ۽ صوبائي  ڪابينا کي يقين ڏياريو ته سنڌ جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.