آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس سميت 5 وزيرن کي برطرف ڪري ڇڏيو

0
248
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار

ڪراچي (م ڊ) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سردار تنوير الياس سميت 5 وزيرن کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آزاد ڪشمير جي برطرف ڪيل وزيرن ۾ سينيئر وزير سردار تنوير الياس ۽ تعليم وارو وزير عبدالمجيد خان شامل آهن

ان کان علاوه آزاد ڪشمير جي برطرف ڪيل وزيرن ۾ علي شان سوني، خواجه فاروق ۽ اڪبر ابراهيم شامل آهن ۽ وزيراعظم وزيرن جي برطرفي جو باضابطا نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي

ياد رهي ته گذريل ڏينهن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ هن پنهنجي خلاف بي اعتمادي واري رٿ کي وڏي سازش قرار ڏنو هو

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان معاملي تي شاهه محمود قريشي جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي

ھي به پڙھندا

بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا به پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي