عمران خان پاران مھانگائي خلاف احتجاج جو سڏ: مريم اورنگزيب پاران شديد تنقيد

0
163
عمران خان جو مقصد اليڪشن

اسلام آباد: عمران خان جي سڏ تي تحريڪ انصاف پاران مهانگائي خلاف ملڪ گير مظاهرن جون تياريون جاري آھن، مختلف شهرن ۾ اڄ رات نائين وڳي احتجاجي مظاهرا ڪري ريليون ڪڍيون وينديون

 ڪراچي جي شاهراهه قائدين وٽ به احتجاج ڪيو ويندو، رات ڏهين وڳي عمران خان احتجاجي مظاهرن کي وڊيو خطاب ڪندو، عمران خان جو خطاب ٻڌڻ لاءِ ٽي وي اسڪرينز به لڳايون وينديون

وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جو سازشي بيانيو دفن ٿي چڪو آهي، عمران خان هاڻي مهانگائي تي فساد پکيڙڻ چاهي ٿو

 پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته خان صاحب توهان جو ڪوڙو ۽ منافقت وارو چهرو عوام ڏسي چڪو آهي، عوام ملڪي مفاد کي ڪجهه هيرن عيوض وڪرو ڪرڻ وارن جي سڏ تي ڇو نڪري؟