هالا ميونسپل جي چيئرمين شپ لاءِ پ پ ۽ جي ڊي اي پاران جوڙ ٽوڙ

0
283
هالا ميونسپل جي چيئرمين

ڀٽ شاھه (ن پ ا) ھالا ميونسپل جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي ۽  جي ڊي اي ۾ جوڙ توڙ شروع ٿي ويو آھي جي ڊي اي اختلافن جو شڪار بڻيل آھي ۽ ڪيترائي اڳواڻ پي پي مخدوم ھائوس ۾ شامل ٿي ويا آھن

تفصيل موجب ھالا ميونسپل جي 16 وارڊن تي جي ڊي اي جي ٻن گروپن الڳ الڳ اميدوار بيھاري ڇڏيا جي ڊي اي اڳواڻن مخدوم فضل حسين ۽ نصير ميمڻ پاران الڳ الڳ اميدوار بيھارڻ سبب جي ڊي اي اختلافن جو شڪار آھي ۽ ڪيترائي اڳواڻ پيپلزپارٽي مخدوم ھائوس ۾ شامل ٿي ويا

شير محمد ڏاھري ـ قاضي خرم ـ لکاڏنو ارباب ـ وسيم ٻگھيو ـ امتياز ڏاھري ـ مٺل خان ڏاھري ـ اسماعيل ڏاھري ـ بابو جاويد ارباب ـ عاقب ارباب  ۽ ٻين صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان سان ملاقات ڪري مخدوم ھائوس سان اتحاد ڪري ورتو آھي ھالا ميونسپل تي پي پي مخدوم ھائوس ۽ جي ڊي اي سان لاڳاپيل ماشاءَ اللھ ھائوس ۽ ھالا ھائوس ۾ دنگل ٿي رھيو آھي ميونسپل جي چيئرمين شپ لاءِ جي ڊي اي پاران مخدوم عمار حيدر ۽ پي پي طرفان گل پنھور امڪاني اميدوار آھن