عمران خان طرفان اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو

0
142

لاهور: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو، انتظاميا طرفان عمران خان جي گاڏي کي لاهور هاءِ ڪورٽ اندر اچڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڪيلن جو لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار سان رابطو ڪيوويو، وڪيلن موجب عمران خان جي جان کي خطرو آهي، گاڏي کي هاءِ ڪورٽ اندر اچڻ جي اجازت ڏني وڃي

پي ٽي آءِ سربراهه جي وڪيلن موجب عمران خان اڄ منجهند 2 وڳي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو

ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد جي عدالت پاران ضمانت رد ٿيڻ بعد عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، عدالت پاران طلب ڪرڻ باوجود عمران خان پيش نه ٿيو هو

هي به پڙهندا

گرفتاري ڏئي جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪندس، نوازليگ آڊيوز ذريعي ججن تي دٻاءُ پئي وجهي: عمران خان