ٻين صوبن جا ماڻهو به سنڌ جا شهري ڳڻيا وڃن: پ پ سينيٽرن پاران ڊجيٽل آدمشماري بابت قرارداد تيار: اڄ منظوري ٿيندي

0
162

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ٻين صوبن جا ماڻهو به سنڌ جا شهري ڳڻيا وڃن، پ پ سينيٽر پاران ڊجيٽل آدمشماري بابت اهڙي قرارداد تيار ڪئي وئي آهي جيڪا اڄ سينيٽ ۾ منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي

سينيٽ جو اجلاس جاري آهي، اجلاس ۾ 13 نقاطي ايجنڊا تي غور ٿيندو، سينيٽ جي ايجنڊا ۾ پيپلزپارٽي جي سنڌ مان پيپلزپارٽي جي چونڊيل سينيٽرن تاج حيدر ، ڄام مهتاب ڏهر ، نثار کهڙي ۽ وقار مهدي جي ملڪ اندر ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري بابت قرارداد به منظوري لاءِ شامل ڪئي وئي آھي

قرارداد ۾ چيو ويو آھي ته سينيٽ جو هي ايوان قرار ڏئي ٿو ته ملڪ اندر ٿيندڙ آدمشماري ڊي فيڪٽو بنيادن تي ڪرائي وڃي يعني آدمشماري واري ڏينهن جيڪي شهري جتي رهن پيا انهن کي اتان جي آبادي شمار ڪيو وڃي، سينيٽ جو ايوان قرار ڏئي ٿو ته ٿيندڙ آدمشماري ڊي جور بنيادن تي نه ڪئي وڃي، جنهن تحت آدمشماري واري ڏينهن مختلف هنڌن تان لڏ پلاڻ ڪري ايندڙن کي لڏپلاڻ وارن علائقن ۾ شامل ڪيو ويندو آھي

هي ايون اهو به زور ڀري ٿو ته  ملڪ اندر سنگل آبادي رجسٽر هجڻ گهرجي جنهن کي نادرا مينٽين ڪري انهي رجسٽر جي آبادي جي انگ اکرن کي انهن سمورن پروگرامن ۾ استعمال ڪيو وڃي جيڪي آبادي جي بنيادن تي ٿين ٿا ان کانسواءِ ايجنڊا ۾ مختلف ميمبرن پاران ترميمي  بل پيش ڪرڻ جا مامرا ، ملڪ ۾ نشي وارين شين جي استعمال ۾ اضافي ۽ ان سبب ڏوهن ۾ واڌ واري ماري تي بحث سوڌو سپريم ڪورٽ سميت صوبائي هاءِ ڪورٽن ۾ التوا هيٺ ڪيسن کي جلد اڪلائڻ واري مامري تي بحث کي به ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو آھي

هي به پڙهندا

عمران خان طرفان اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو