عمران خان جي ڀاڻيجي حسان نيازي جو راهداري رمانڊ منظور

0
100

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي ڀاڻيجي حسان نيازي کي ڪراچي اماڻڻ لاءِ 2 ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو

عدالت وڳوڙن واري ڪيس ۾ جسماني رمانڊ واري پوليس جي درخواست رد ڪندي راهداري رمانڊ منظور ڪيو آهي

پوليس عمران خان جي ڀاڻيجي حسان نيازي کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو، حسان نيازي پاڪستان جو آئين هٿ ۾ کڻي عدالت آڏو پيش ٿيو

عمران خان جي ڀاڻيجي ۽ فوڪل پرسن بئرسٽر حسان نيازي خلاف ڪراچي جي جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي

اقبال نالي هڪ شهريءَ جي درخواست تي داخل ڪيل ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته حسان نيازي عوام کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائي رهيو آهي، حسان نيازي کي ڪراچي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو