سياسي سفر جو سرڪش سال

0
154
سياسي سفر جو سرڪش سال

مرزا غالب لکيو هو:

“ديکيي پاتي هين، عشاق بتون سي ڪيا فيض

اڪ برهمن ني ڪها هي ڪه يه سال اڇا هي!!”

 هن مهل تائين پاڪستان جي ڪنهن به سياسي پنڊت اهو نه چيو آهي ته، “هي سال ملڪ جي سياستدانن لاءِ سٺو ثابت ٿيندو” ۽ نه وري ملڪ جي مقبول ليڊر عمران خان کي ڪا خاص اميد آهي ته “ورديءَ وارا” هن مٿان مهربان ٿيندا. ان حوالي سان هن سال جي باري ۾ ڪا پيشن گوئي ڪرڻ مشڪل محسوس ٿي رهي آهي ته هن سال جي فائدي واري فال ڪنهن جي حق ۾ ايندي؟ پر اهو طئي آهي ته هلندڙ سال ملڪي سياست جي تاريخ جو اهم سال آهي، ڇو ته هن سال ۾ پاڪستان جي اقتداري سياست جو اُٺ ڪنهن نه ڪنهن طرف پاسو بدلائيندو. هيءَ مُونجهه ۽ هيءَ ماٺ ختم ٿيندي. هي اسٽيٽسڪو هن سال پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچندو. هن سال ۾ اها سياسي صورتحال صاف ٿي ويندي، جنهن ۾ تمام گهڻا ور وڪڙ آهن. جنهن جا پيچ و خم هندستان جي ڪلاسيڪل اردو شاعريءَ کان گهٽ ناهن. هلندڙ سال جي دوران معاملو هڪ پاسي ٿي ويندو. اها ٻڏتر ۽ اها غيريقيني هڪ پاسي ٿي ويندي ۽ ملڪ جو سياسي منظرنامو صاف ٿي ويندو.

هلندڙ سال اسان کي اطلاع ڏيندو ته هاڻي پاڪستان جو سياسي سفر ڪهڙي رخ ۾ هلندو؟ ڇا لاءِ جو اپريل جي مهيني ۾ نه ته آڪٽوبر ۾ ئي سهي پر اهو معلوم ٿي ويندو ته ملڪ ۾ چونڊون ٿينديون يا نه ٿينديون؟ پاڪستان جي سياست ۾ هن مهل سڀ کان اهم ترين سوال اهو ئي آهي ته ڇا آئين تي عمل ڪيو ويندو؟ جڏهن ته اهو سوال تمام گهڻو سفاڪ ۽ سخت آهي. ڪنهن به ملڪ لاءِ اهو سوال هڪ الميو آهي جو پڇا ڪيو وڃي ته ڇا آئين تي عمل ٿيندو؟ آئين معنيٰ سپريم قانون! قانون کان سواءِ ته ڪو معاشرو به پنهنجو وجود قائم رکي نه ٿو سگهي! هي ته ملڪ آهي. هي اهو ملڪ آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڏي قانون يعني مهاقانون جي اهو چئي توهين ڪئي وئي ته “آئين ڇاهي؟ ڪجهه ڪاغذن جو مجموعو!!” جيڪڏهن ان قسم جي ڳالهه ڪنهن به مهان ۽ ڪنهن به مقدس شيءَ لاءِ چئي وڃي ته پوءِ اصول ۽ معيار ۽ قدر پائمال ڇو نه ٿيندا؟

پاڪستان ۾ آئين سان هٿ چراند ۽ آئين جي اکاڙ پڇاڙ جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. هن ملڪ جي اقتدار جي راند ۾ آئين جو حشر هڪ ريفريءَ وارو نه پر کينهونءَ جهڙو ٿيندو نظر آيو آهي. هن مهل به اهو خدشو گهڻن جي دلين جو ڪڙو کڙڪائي رهيو آهي ته ڇا ٿيندو؟ ڇا چونڊون ٿينديون؟ ڪٿي ملڪ جي نازڪ صورتحال جي پيش نظر ايمرجنسي ته نه مڙهي ويندي؟ پر ان سوال سان گڏ اهي خدشا اکيون مهٽي اٿن ٿا ته ڇا هن دور ۾ اهو ممڪن آهي ته آئين کي مخصوص وقت لاءِ ئي سهي پر معطل ڪيو وڃي؟ هي سرد جنگ وارو زمانو ناهي. ان دور ۾ ٽين دنيا جا ملڪ اهڙا ميدان هئا، جتي آئين ۽ قانون سرعام قتل ڪيا ويندا هئا. آمريڪا ڪجهه به چوي پر ان حقيقت کان ڪو لبرل سياسي ذهن به انڪار ڪري نه ٿو سگهي ته جيڪڏهن آمريڪا نه چاهي ها ته چليءَ کان وٺي پاڪستان تائين فوجي آمريتون قائم نه ٿي سگهن ها. پاڪستان جي تاريخ اڄ ڏينهن تائين ان سوال جو جواب نه ڏئي سگهي آهي ته مرحوم جنرل مشرف کي اقتدار ۾ اچڻ جو آمريڪي اشارو مليو هو يا نه؟ پر اهو سڀني کي معلوم آهي ته آمر ايوب کان وٺي جنرل ضياءَ تائين جيڪي به ورديءَ وارا آئين لتاڙي اقتدار ۾ آيا، انهن کي اهڙو حڪم وائيٽ هائوس مان مليو هو ۽ انهن جي حوالي اهو ڪم ڪيو ويو هو ته پنهنجو ملڪ پائمال ڪري پنهنجي پروفيشنل بندوق کي عوام تي تاڻين ۽ اهڙي طرح سان سوشلزم جي راهه کي روڪي سگهن. هن وقت عالمي منظرنامو تبديل آهي. ڪنهن سوچيو هو ته جنهن ملڪ جو نالو وٺڻ پاڪستان ۾ جيل ته ڇا پر ٽارچرسيل جي ياترا ڪرائڻ جهڙو هو، اڄ ان ملڪ مان پاڪستان لاءِ سستي تيل جو جهاز اچي رهيو آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته اهڙي آمد کان پوءِ پاڪستان جي معاشي مشڪلن ۾ ڪجهه نه ڪجهه آسانيءَ جي اميد پيدا ٿيندي.

هن وقت ته ملڪ جي معاشي صورتحال باهه جي کُوري جهڙي هر عوامي حق ۽ ضرورت کي رک ڪري رهي آهي. ماڻهو مهانگائيءَ سبب پنهنجي مٿان پاڻ مرادو پابنديون مڙهي رهيا آهن. هن دور ۾ ٿورو کائڻ ۽ سادو گذارڻ هڪ چوائس نه پر هڪ مجبوري آهي. مٿئين طبقي جون عياشيون ۽ هيٺئين طبقي سان گڏ مڊل ڪلاس جي به معاشي حالت اهڙي آهي، جنهن ۾ زندگي سزا جئين محسوس ٿي رهي آهي. پاڪستان ۾ سياست ڪنهن مخصوص منزل جي طرف وڌندي نظر نه ٿي اچي پر عوام ۾ جيڪو تيش ۽ تاءُ آهي، ان جو اندازو اسٽيبلشمينٽ کي ڪئين نه هوندو؟ اهڙي ماحول ۾ آئين سان هٿ چراند جا نتيجا نهايت اگرا نڪرڻ جي پڪ هجڻ گهرجي. عمران خان پنهنجي آس پاس جيڪو لڙ گوڙ ۽ شور جو طوفان ڪٺو ڪيو آهي، ان جا ملڪ جي عوام مٿان به اثر پئجي رهيا آهن. جڏهن ماڻهن جي لاءِ جيئڻ مشڪل ٿي پوي ته ان وقت ۾ آئين سان هٿ چراند جو مطلب سانوڻ جي ڏني ڪني ڇلندڙ درياه جي بند کي ڪٽ هڻڻ برابر هوندو، ڇو ته عوامي ڪروڌ جو سيلاب هونءَ ئي پنهنجي وجود ۾ هڪ لوڇ پوڇ سمائي ڪچن بندن سان سر ٽڪرائي رهيو آهي. جيستائين عمران خان جو سوال آهي ته عمران خان هڪ وڏي سياسي قوت جي شڪل ضرور اختيار ڪري ويو آهي پر عمران خان جي سياسي شهرت جو ڪارڻ هن جي ذات ۾ عوام جي لاءِ اميدون ناهن. عمران خان جي ڪاميابي دراصل موجوده حڪمرانن کان عوام جي بيزاري آهي. عوام جو هڪ وڏو انگ عمران خان جو عاشق ناهي پر اهو پي ڊي ايم ۾ موجود خود غرض مطلبي سياستدانن جو مخالف آهي. عوام عمران خان جي سپورٽ ان لاءِ به ڪري رهيو آهي ته عوام پنهنجي مٿان هي ڪوڙ جو مانڊاڻ نه ٿو چاهي.

ملڪ جي سياسي ذهنن کي اهو سمجهڻ ۾ ڪا مشڪل پيش نه اچڻ گهرجي ته عوام جي اڪثريت آئين جي مطابق ملڪ کي هلندو ڏسڻ جي خواهشمند آهي. جيڪڏهن ڪنهن  به سبب جي ڪري آئين کي ڪيتري به وقت لاءِ معطل ڪرڻ جي غلطي ڪئي وئي ته ان جا نتيجا عوامي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي صورت ۾ ضرور پڌرا ٿيندا، ڇو ته عوام گهڻي وقت کان وٺي گهڻ طرفي مصيبت کي منهن ڏئي به خاموش ويٺو آهي ۽ عوام جي سلسلي ۾ بار بار اهو سوال به اڀاريو وڃي ٿو ته آخر هيتري ساري مهانگائي ۽ ملڪ ۾ موجود هر طرح جي مصيبت واري ماحول جي خلاف عوام احتجاج ڪرڻ لاءِ رستن تي ڇو نه ٿو نڪري؟ ان سوال جو سادو جواب اهو آهي ته جنهن ملڪ ۾ سياسي شعور ۽ سماجي تاڃي پيٽو مضبوط نه هوندو آهي ۽ نه وري عوام جي خود رو تحريڪن جي ڪا مضبوط روايت هوندي آهي، اتي عوام پاڻ مرادو روڊن تي ائين نه نڪرندو آهي، جيئن ڪارن لوڪن جي اشو تي آمريڪا ۾ نڪتو. جيئن معاشي مسئلن تي ان مهل نڪرندو آهي، جڏهن دنيا جا سرمائيدار ملڪ پاڻ ۾ ملاقات ڪندا آهن. جڏهن ته ان جو اهو مطلب هرگز ناهي ته پاڪستان جي عوام ۾ پيڙا ناهي ۽ اهو پنهنجي مٿان پيل مصيبتن جو عادي بڻجي ويو آهي. پاڪستان جو عوام به پنهنجي ملڪ ۾ عوامي جدوجهد جي تاريخ ٺاهڻ جي خواهش رکي ٿو پر هن کي منظم طرح سان اهو ماحول ميسر ناهي، جنهن ۾ هو ٻاهر نڪري پنهنجي جمهوري احتجاج جو حق استعمال ڪري سگهي. پاڪستان جي عوام جي به احتجاجي تمنا ان فلمي گيت جهڙي آهي ته:

“دل مين طوفان ڇپائي بيٺا هون

يون نه سمجهو ڪه مجهه ڪو پيار نهين”

سو! پاڪستان جو عوام به پنهنجي اندر ۾ احتجاج جو طوفان سنڀالي ويٺو آهي ۽ ان جو احساس اسٽيبلشمينٽ کي به آهي ۽ جيڪڏهن پوري طرح سان ناهي ته هجڻ کپي.

ملڪ ۾ چونڊون آئين ۽ قانون جي مطابق ٿيڻ گهرجن ۽ ان سلسلي ۾ ڪا به “چونڪه……چنانچه” نه هجڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ آئين جي تشريح ڪرڻ وارو اهو ادارو آهي، جنهن مٿان ڪو به دٻاءُ ڪنهن به ملڪ جي حق ۾ هرگز نه هوندو آهي. هن ملڪ جو وجود ۽ هن ملڪ ۾ هر سرڪاري ۽ رياستي چرپر جو اصل اختيار آئين وٽ آهي. آئين هڪ اهڙي اعليٰ تخليق آهي، جنهن کي سپريم ڪورٽ ته ڇا پر پارليامينٽ به پنهنجي اصل راهه تان ٿيڙي سگهڻ جي قانوني سگهه نه ٿي رکي. جيڪڏهن آئين چوي ٿو ته اسيمبليون معطل ٿيڻ جي صورت ۾ چونڊون نوي ڏينهن ۾ ٿيڻ کپن ته 91هون ڏينهن پوڻ هڪ وڏو ڏوهه هوندو.

آئين کي هن مهل تائين جيڪڏهن ڪو نقصان پهتو آهي ته اهو آمريتن مان پيو آهي. عالمي منظرنامي ۾ هي اهو دور ناهي، جنهن دور ۾ آمريت جي زهريلي پوک پوکي سگهجي ٿي. اهو سوال ان حوالي سان به پنهنجو وزن وڃائي چڪو آهي جو پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ڪجهه وقت کان وٺي وري وري ورجائي چيو آهي ته فوج سياست ۾ مداخلت نه ڪندي ۽ پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪندي رهندي. ان صورت ۾ هي سال ملڪي سياست ۾ اهم ترين سوال هجڻ گهرجي، ڇو ته هن سال ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ گهڻا بت ڀري پوندا. هن سال ۾ جيڪڏهن ڪو به ايڊوينچر نه ٿو ٿئي ۽ ملڪ سڪون سان چونڊن جي طرف وڌي ٿو ته عمران خان جي سوڀ يقيني آهي. پر عمران خان کي به معلوم هجڻ گهرجي ته هن عوامي اميدن جو جيڪو جن بوتل مان ڪڍيو آهي، اهو جن سڀاڻي هن جو گريبان جهلي هن جو اهڙو احتساب ڪري سگهي ٿو، جنهن جو هن کي هن مهل ڪو خواب خيال به ناهي. پاڪستان جي سياست پنهنجي خاموش وهڪ سان ان طرف وڌي رهي آهي، جنهن طرف تبديليءَ جون تغيانيون پنهنجو ڀرپور اظهار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن.

هلندڙ سال ملڪ ۾ تبديليءَ جو نه پر تبديلين جي ابتدا جو سال سمجهيو وڃڻ گهرجي. تبديلين جو هي سفر ڪهڙي منزل ماڻيندو؟ ان سوال جو جواب به ڪنهن نجوميءَ وٽ ناهي پر سفر سدائين هڪ سٺو عمل آهي. سفر صرف هڪ تحرڪ ناهي. سفر صرف منزل جي تلاش ناهي. سفر پنهنجي وجود ۾ هڪ منزل به آهي.