عمران خان جو آخري يوٽرن ڪهڙو هوندو؟

0
138
عمران خان جو آخري يوٽرن ڪهڙو هوندو؟

  وزير اعظم عمران خان ۽ حڪمران جماعت جا وزير اهي سڀ ڳالهيون ڪري رهيا آهن جيڪي فقط ان وقت ئي ڪبيون آهن جڏهن کين حڪومت جا ڏينهن پورا ٿيڻ جي پڪ ٿي وئي هجي. يعني هڪ طرف اپوزيشن دعوائن سان گڏ هر روز سندن حمايتين جو انگ به ظاهر ڪري رهي آهي جڏهن ته حڪومت فقط “سرپرائيز ڪارڊ” جي هوائي فائرنگ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به ٻڌائڻ کان لاچار ۽ بيوس بڻيل آهي. وزيراعظم پاران وٽس موجود “ٽرمپ ڪارڊ” جي نئين تشريح به سامهون اچي وئي آهي، جنهن موجب هاڻ هو چوي ٿو ته منهنجو ٽرمپ ڪارڊ اهو آهي ته مون اڃان پنهنجا ڪارڊ ظاهر ئي ناهن ڪيا، يعني جڏهن هو ڇاتي سان لائي رکيل پتا اڇليندو ته انهن پتن کي اڇلڻ وارو عمل ئي سندس “ٽرمپ ڪارڊ” هوندو.

ٽرمپ ڪارڊ جي اهڙي عجيب تشريح کي پڻ عمران خان جا نقاد هڪ نئون يوٽرن ڪوٺي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته عالمي سياست تي نظر رکڻ وارن سمجهيو پئي ته هو ٽرمپ ڪارڊ جي ڳالھه ڪري در اصل امپائر کي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي ته جيڪڏهن سندس حڪومت کي بچائڻ لاءِ ڪا مدد نه ٿي ته هو پڻ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ وانگر مار ڌاڙ واري سياست تي لهي ايندو ۽ عوام کي ادارن مٿان حملا ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائيندو، پر عمران خان جي وضاحت مان واضح ٿي ويو آهي ته هو سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ واري خواهش وانگر امپائر کي اکيون ڏيکارڻ واري هر عمل کان پڻ باز ايندو.  تازيون خبرون آهن ته 23 مارچ تي عمران جي صدارت ۾ ٿيل سياسي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ فواد چوڌري، اسد عمر ۽ شيخ رشيد جهڙن سندس اهم ساٿين ۽ اتحادين پڻ کيس واضح نموني ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هاڻ پاڻي نڪ کان مٿي چڙهي ويو آهي، اهڙي صورت ۾ سواءِ ڪنهن غيبي مدد جي پنهنجي حڪومت جو بچڻ نه فقط محال ۽ مشڪل آهي پر ذري گهٽ ناممڪن پڻ آهي. کيس ڏنل بريفنگ ۾ چٽو ڪيو ويو آهي ته سندس سمورن اتحادين ۽ حمايتين جن ۾ ق ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ باپ شامل آهن تن انڪار وارو سڌو سنئون  آڱوٺو ڏيکاري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪاوڙجي ويل ميمبرن جو انگ به هر روز وڃي ٿو وڌندو. جنهن کان پوءِ ٻڌڻ ۾ اهو اچي رهيو آهي ته حڪومتي جماعت جي مک ماڻهن پڻ سامهون نظر ايندڙ شڪست کي قبول ڪرڻ لاءِ سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ دل کي خوش ڪرڻ لاءِ سندن خلاف ووٽ ڏيندڙن کي تاحيات نااهل ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن وٽ توڙي عدالتي جنگ ڪرڻ جو پلان جوڙيو پيو وڃي.

ملڪي سياست جي تازي صورتحال هڪ طرف تمام گهڻي دلچسپ به آهي ته ساڳئي وقت ڳنڀير ۽ نازڪ پڻ آهي. پاڻ جيڪڏهن پنجويھه مارچ کان اسلام آباد ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ  پي ڊي ايم جي جٿن توڙي 27 مارچ واري پي ٽي آءِ جي ون ملين مارچ وارن معاملن کي ڪجھه دير لاءِ پاسيرو ڪري فقط پارلياماني صورتحال تي غور ڪريون ته هن وقت عدم اعتماد جي رٿ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ حڪومت کي گهٽ ۾ گهٽ 173 ووٽن جي ضرورت آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ جا پنهنجا ڪل ميمبر آهن 155، هاڻ ان حساب سان جڏهن سمورا اتحادي به کين ڇڏي ويا آهن ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته حڪومت گهربل انگ پورو ڪري سگهي ٿي. ٻئي پاسي باخبر ذريعن موجب پي ٽي آءِ سان بغاوت ڪندڙ سندن ميمبرن جو انگ وڌي 45 تائين پڄي چڪو آهي، اهو رڳو مفروضو ناهي پر 45 ميمبرن منجهان ڪيترائي ميمبر سامهون اچي حڪومت سان ناراضگي سبب سندن مخالفت ڪرڻ جو اظهار به ڪري چڪا آهن.

پر پاڻ باخبر ذريعن جي تجزين توڙي هٿ ڪيل معلومات کي به نٿا مڃون پر رڳو انهن 14 ميمبرن جي ڳالھه ڪريون جن کي خود وزيراعظم نوٽيس جاري ڪيا آهن ۽ کين واپس ورڻ لاءِ چيو آهي ته به ڳالھه پڌري ٿي ويندي ڇاڪاڻ ته انهن 14 ميمبرن منجهان ڪو هڪ ميمبر به واپس پنهنجي پارٽي ۾ وري ناهي ويو. هاڻي جيڪڏهن اسپيڪر ڪو آئيني ٽوڙ ڪڍي وٺي ٿو يا ڪو غير آئيني قدم کڻي ڪنهن به ريت انهن باغي ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪي وجهي ٿو يا انهن جي ڪاسٽ ڪيل ووٽن کي رد ڪري ٿو ته به حڪومت بچڻ ممڪن ناهي ڇاڪاڻ ته باغي ميمبرن جا ووٽ جيڪڏهن حڪومت جي مخالفت ۾ نٿا ڳڻجن ته به کُٽندا ته وري به انهن جا ئي. سو هن صورتحال ۾ اهو چوڻ صفا آسان ٿي ويو آهي ته هاڻي حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن. عمران خان کي آئوٽ ڪرڻ جي اهڙي چٽي اميد کان پوءِ نواز ليگ ۽ مولانا صاحب جي پارٽين پنهنجي لانگ مارچ جو نالو به تبديل ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته شايد جڏهن کين عمران خان جي آئوٽ ٿيڻ جي پڪ ٿي وئي آهي تڏهن هو شرارتي بالرز وانگر اجاين اپيلن واريون رڙيون ڪري امپائر کي پريشان ڪرڻ نٿا چاهين. امپائر جي نيوٽرل ٿيڻ کان پوءِ هاڻ ڪپتان کي به چوڻو پئجي ويو آهي ته فوج سان سندس سٺا لاڳاپا آهن، نه ته ان کان اڳ هو سڌي يا اڻ سڌي طرح اهو چوندو هو ته فوج سندس پٺيان بيٺل آهي. حڪومت جي ڳچي ۾ هن وقت پنجاب اندر بوزدار کي بچائڻ وارو معاملو به پيل هو پر جيئن ته هاڻ سندس ئي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي ان ڪري ٻيا سمورا معاملاکانئس وسري ويا آهن،

“مشڪلين  مجهه پر اتني پڙي ڪي آسان هوگئي…”

عمران خان جنهن وٽ ايترو وقت نه هو جو هو پنهنجي ناراض ميمبرن کان ڪڏهن حال احوال وٺي يا اليڪشن ۾ جن عمران خان لاءِ پنهنجي ڌن دولت لٽائي هئي انهن کي به عمران خان اقتدار جي نشي ۾ ڌت ٿي وساري ويٺو هو پر هن وقت سندس حالت اها آهي جو هو ناراض ميمبرن کي موٽي اچڻ لاءِ منٿون ٿو ڪري پر ڪير به سندس سڏ کي ورنائي نٿو، عمران جي بيوسي جو اندازو ان ڳالھه مان لڳايو ته جيڪو ماڻهو ڪرسي جي طاقت ۾ آڪڙجي ڪنهن سان ملڻ به پسند نه ڪندو هو اهو عامر لياقت جهڙي مشهور زمانانا ڦرڻي گهرڻي ماڻهو سان به سندس فيملي سوڌو ڊگهيون ملاقاتون ۽ ڪچهريون ڪري ٿو.  جڏهن ته سمورا تجزيانگار پڻ ان ڳالھه تي متفق آهن ته سواءِ ڪنهن آسماني چمتڪار جي حڪومت جي بچڻ جو ڪوبه اشارو نٿو ملي.  ايم ڪيو ايم پاران پڻ اڻ سڌي طرح اپوزيشن سان معاملي طئه ٿي وڃڻ وارا واضح اشارا ملي رهيا آهن، سنڌ حڪومت جي اهم وزير سعيد غني موجب ايم ڪيو ايم جو ڪوبه اهڙو مطالبو نه مڃينداسون جيڪو سنڌ جي مستقل مفادن جي خلاف هوندو، جڏهن ته باقي معاملن تي گڏجي هلڻ کان نه ڪڏهن انڪار ڪيو آهي نه ئي هاڻي ڪنداسون. سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم سان اهڙي امڪاني ٺاھه يا اتحاد جي ڳالهين ۽ پيش رفت تي ڪجھه قومپرست ڌرين پاڻي کان اڳ ڪپڙا لاهڻ شروع ڪيا آهن ۽ ايم ڪيو  تي ڇوھه  ڇنڊيندي پ پ کي کانئن پري رهڻ جون صلاحون ڏنيون پيون وڃن.

آئون سمجهان ٿو ته اهو سڀ ڪجھه فقط “بغض معاويه” پٽاندڙ ڪيو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته اهي ساڳيا قومپرست پاڻ هڙان وڙان خرچ ڪري بنا ڪنهن موقعي ۽ مناسبت جي “ اردو آبادي” جي نالي هيٺ ايم ڪيو ايم تان صدقو ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، اهي نام نهاد قومپرست ڪڏهن يڪجهتي جون ريليون ٿا ڪڍن ته ڪڏهن وري ڪراچي ۾ ڪانفرنسون ڪري ساڻن پنهنجائپ جو احساس ٿا ڏيارين ته ٻئي طرف وري جڏهن ملڪي مفادن يا زميني حقيقتن آڌار تي پ پ کين ويجهو ڪرڻ جي لاءِ ڪا پيش قدمي ڪري ٿي يا خود ايم ڪيو ايم اهڙو عمل ڪري ٿي ته انهن نام نهاد قومپرستن جي ڪمان ۾ لڪل تنقيدن جا تير نڪريو اچن. سنڌ جي ڪجھه نام نهاد قوم پرست اڳواڻن جو اهڙو ئي ٻٽو رويو  ان وقت به نظر آيو جڏهن اسلام آباد ۾ سنڌ هائوس تي حملو ڪيو ويو، ان وقت انهن نام نهاد قوم پرست اڳواڻن چيو ته زرداري سنڌ جي لٽيل ملڪيت مان پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي خريد ڪري سنڌ ھائوس ۾ رهايو هو، انهن جو اهڙو ئي موقف هو جهڙو ملڪ جي معصوم عوام کي مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهيندڙ عمران جو هو، حالانڪه قومپرستن وٽ نه ته ڪا پارلياماني نمائندگي آهي نه ئي عمران خان وٽ سندن ڪا ذاتي ڄاڻ سڃاڻ آهي پر پوءِ به سندن پاران عمران خان جي موقف جي حمايت يا هڪجهڙائي پٺيان فقط ۽ فقط  پ پ سان اهو بغض آهي جيڪو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ۽  ڪنهن نه ڪنهن موقعي تي هو ظاهر ڪندا ٿا رهن.

اوهان ڏسو ته سوين الزامن باوجود  پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ميمبرن سوشل ميڊيا تي پاڪ ڪتاب جا قسم کڻي وضاحت ڪئي ته کين ڪنهن به پئسا ناهن ڏنا البته اهي عمران خان جي پاليسين ۽ روين کان تنگ ٿي خود بغاوت تي لٿا آهن. ڪجھه گهڙين لاءِ فرض ڪجي ته اهي سمورا ميمبر پئسن عيوض ئي ڦريا آهن ته ڇا پئسا حڪمرانن وٽ ناهن؟ يا اهي ايڏا اصول پرست آهن جو پئسن تي ووٽ خريدڻ نٿا چاهين؟ جيڪڏهن پئسن تي ئي ميمبر ڦيرائڻا هجن ها ته پوءِ اهو آپشن ته موجوده حڪومت لاءِ ويتر سولو ۽ آسان هجڻ گهرجي ڇو ته اهي هن وقت سرڪاري خزانن جي مٿان چڙهي ويٺل آهن، پر آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي ڪجھه نام نهاد قومپرستن کي “پ پ فوبيا” وارو مستقل مسئلو لاحق آهي جنهن مان ڇوٽڪاري لاءِ کين سيني ۽ سوچن کي وسيع ۽ ڪشادو ڪرڻ گهرجي.