اتحاد، انصاف امن ۽ ترقي

0
161
اتحاد، انصاف امن ۽ ترقي

مٿئين موضوع تي اسلام آباد ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم OIC جي پرڏيهي وزيرن جي منعقد ڪيل ڪانفرنس ٻه ڏهاڙا اڳ پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. پرڏيهي وزيرن جي هن ڪانفرنس جي اجلاس جو موضوع جيترو اهم ۽ وقتائتو هو ايترو ئي آخر ۾ پاس ٿيل قرارداد به تمام اهم ۽ غير معمولي نوعيت جي آھي. جنهن مون سميت دنيا ۾ آباد ڏيڍ ارب مسلمانن جي، سيڪيولر ۽ لبرل خيال رکندڙ ماڻھن کي حيرت ۾  وجهڻ سان گڏ  سندن ذھنن ۾  ڳنڀير سوال پڻ پيدا ڪيا آھن ته ڪيئن هڪ عالمگير مذھب جي پيروڪار رياستن جا حڪمران ۽ سندن تنظيم موجوده عالمي تناظر ۾، جڏهن دنيا جو مُرَوِج ورلڊ آرڊر هڪ عبوري دور مان گذرندي سڪرات واري ڪيفيت ۾ آھي، تڏهن هُو اتحاد انصاف امن ۽ ترقي جي ڳالھه ڪري واقعي به دنيا جي حقيقي لبرل قوتن لاءِ سهارو بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن يا فقط زباني ڪلامي انصاف امن ۽ ترقي جي ڳالھه ٿي رهي آھي. ڇاڪاڻ ته  تاريخي حقيقتون ٻڌائن ٿيون ته دنيا ۾ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڇڏي سڀئي مسلمان حڪمران اتحاد انصاف امن ۽ ترقي جا وڏا دشمن رهيا آھن ۽ انهن حڪمرانن جو مسلمان عوام مٿان ڌونس ۽ داٻي واري تسلسل صدين کان قائم ۽ دائم رهندو اچي ٿو.

يورپ جنهن ٽي صديون اڳ لبرل  ورلڊ آرڊر  جي بنياد تي  تمام ڏکيا پنڌ پيچرا لتاڙي ترقي جون راهون استوار ڪيون هيون ۽ هڪ آزاد عالمي اقتصادي ۽ سياسي قوت طور سامهون آيو هو تنھن اڳتي هلي پنهنجا سامراجي پروگرام محڪوم قومن جي اندروني معاملن ۾ خطرناڪ هٿيار طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيا، جنهن جو گهڻو شڪار مسلمان قومون ٿيون. ويهين صديءَ  ڪيترائي انقلاب ڏٺا، خاص طور ڪميونزم جي خاتمي ۽ سوويٽ يونين جي زوال کان پوءِ يورپ جو لبرل ڊيموڪريٽڪ نظام دنيا اندر ڄڻ  هڪ قسم جي “ آفاقي حڪمراني” جو حقدار ٿي سامهون آيو ۽ پنهنجي لاءِ  golden billion جو خطاب منتخب ڪيو جنهن ۾ ٽي اپکنڊن يورپ، اتر آمريڪا ۽  آسٽريليا شامل آھن ۽ باقي سڄي دنيا ان  کان ٻاهر.  سڀ جاهل، بدتهذيب ۽ انساني حقن ۽ جمهوريت جا دشمن.

سوويٽ يونين جي خاتمي کان پوءِ  انهن نام نهاد“گولڊن بلين” رياستن، لبرلزم جي بنيادي  اصول “جيئو ۽ جيئڻ ڏيو” واري ڳالھه کان مڪمل قطع تعلق ڪندي، پوري دنيا ۾ مذھبي پيشوائن وانگر هٽو بچو جمهوري نظام نافذ ڪيو جي وٺ سٺ شروع ڪري ڏني. ياد رهي ته جمهوري نظام بنيادي طور انهن ملڪن جو ئي حڪومتي نظام آھي جنهن جي اڳواڻي 1956ع تائين برطانيه ۽ هاڻي آمريڪا جي حوالي ٿيل آھي. گولڊن بلين کي گولڊن ٽرلين ۾ تبديل ڪرڻ  ۽ جمهوريت جي زوري نفاذ لاءِ ماڊريٽ ۽ سيڪيولر صدام، قذافي ۽ اسد کي نشانو بنايو ويو جنهن ۾ خود هن اسلامي تنظيم جا ان وقت جا روح روان به ساٿاري هئا.

عالمي سياست جي شاگردن کي معلوم هوندو ته ڪنهن به رياست جي حڪومتي نظام جي نفاذ لاءِ انهي رياست ۽ قوم جي تاريخي تجربن جو وڏو عمل دخل هوندو آھي. تاريخي طور مسلمان رياستن ۾ ووٽ بدران تلوار جو فيصلو اهميت وارو رهندو آيو آھي تنهنڪري مسلمان فطري طور  جمهوريت جي منزل ماڻڻ کان اڃا پري آھن. البته  بالشويڪ انقلاب ۽  ٻي عالمي جنگ کان پوءِ سخت پيشوائيت  جي تاريخي تجربن مان گذري مسلمان رياستون ماڊريٽ مسلم ۽  سيڪيولر دور ۾  شامل ٿيون جنهن جي اڳواڻ طور سوئيڪارنو ۽ ناصر جهڙا سياستدان اڀري سامهون آيا هئا، پر مغرور مغرب انهن کي مذھبي پيشوائن هٿان ختم ڪرائڻ کان پوءِ، باقي بچيل ماڊريٽ مسلمانن کي به دهشتگردي جي زمري ۾ شامل ڪري پوري يورپ، آسٽريليا ۽ اتر آمريڪا جي عوام کي اسلاموفوبيا جي نفسياتي بيماري ۾ مبتلا ڪرڻ کان پوءِ پوري دنيا کي مذھب جي نالي ۾ ورهائي ڇڏيو آھي. هنن وٽ ڪميونزم خراب،  سيڪيولرزم بيڪار، اسلام ازم دهشتگرد. پوري دنيا جي امامت جو حق فقط آمريڪا ۽ يورپي يونين جي حوالي ۽ نظام ڀلو ته جمهوري ۽ وري جمهوريت اها جنهن جو سرٽيفيڪيٽ انهن مٿي ڄاڻايل ٽن اُپکَنڊن جا golden billion واراحڪمران جاري ڪن.

لبرل ورلڊ آرڊر جنهن جي شروعات سترهين صدي ۾ يورپ کان ٿي هئي تنهن ۾ هر قومي رياست جي برابري جا حق تسليم ڪيا ويا هئا جڏهن ته  ان دور ۾ عثماني  روسي ۽ چيني سلطنت پنهنجي تاريخي ۽ تهذيبي تجربن جي بنيادن تي لبرل آرڊر ۾ شامل ٿيڻ کان ڪن لاٽار ڪئي. ڇاڪاڻ ته مسلم عوام جي ڏتڙيل معاشرن ۾ حقيقي انصاف اتحاد ۽ ترقي لبرلزم جي سونهري اصولن ذريعي اچڻي هئي. خلافت جي خاتمي جي ستر سالن کان پوءِ  مسلمان رياستن جو تعداد جڏهن وڃي 57 کي پهتو  تڏهن به هنن ملڪن ۽ سندن تنظيم ۾ مٿيان  وکر  اڻ لڀ  رهندا اچن ٿا بلڪه اڃا اهو لکڻ ۽ ايئن چوڻ مناسب ٿيندو ته اسلام جهڙي آفاقي مذھب جي ظهور پذير ٿيڻ کان مورڳو اڌ صدي پوءِ  مسلمانن ۾  اتحاد انصاف ۽ ترقي جا دروازا ئي بند ڪيا ويا هئا جنهن سان سندن سياسي معاشي ترقي به بند ٿي وئي هئي جنهن جي بنيادي طور غريب مسلمان معاشرن کي ڏاڍي گهرج هئي. موجوده قيادت ۾  سعودي عرب ۽ امارات جي اندر سياسي ۽ سماجي تبديلين ۽  وهابيت کي مسلمان ۽ ڪميونسٽ ملڪن خلاف  مغرب جي هٿيار طور استعمال ٿيڻ جو برملا اعتراف لبرلزم ڏانهن کنيل  اهم قدمن طور شمار ڪري سگهجي ٿو. باقي مسلمان رياستن ۾ ڪنهن جيفرسن يا نيلسن منڊيلا کي ڳولڻ خام خيالي سڏي سگھجي ٿي.

اسلامي تنظيم ڪانفرنس گڏيل قومن UN کان پوءِ دنيا جي ٻيو نمبر وڏي تنظيم آھي. بدقسمتي سان هي تنظيم  جيڪا سرد جنگ دوران قائم ٿي هئي، شروع کان وٺي پنهنجي  عمل ۽ ڪردار ۾ آمريڪا ۽ يورپ جي هڪ ذيلي اداري طور سڃاتي ويندي هئي. مغربي مفادن جي دفاع ۾ سندس “من ڪاڍو ميهار ڏي” وارو مثال 1969ع کان وٺي قائم رهندو آيو هو.  تنظيم جي تاريخ جو هي پهريون اعلاميو آھي جنهن ۾ آمريڪا ۽ يورپ جي مفادن جي برعڪس هن تنظيم پاڻ کي غير جانبدار ثابت ڪندي روس ۽ يوڪرائين کي جنگ بند ڪرڻ ۽ مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڀريو آھي. آمريڪا سان هن تنظيم جي کليل بغاوت جو هي پهريون مثال آھي نه ته مسلمان حڪمرانن ماضي قريب ۽ ماضي بعيد ۾ عالمي سياست اندر ڪورين واري ڪم تي عمل پيرا رهي پينٽاگون سان هر حال ۾ ڳنڍي رکڻ جي ريت نڀائيندا آيا آھن. يورپ جي جنگ ۾ تنظيم کي اڻ ڌريو يا نيوٽرل رکڻ پٺيان اهم ڪردار پاڪستان جي QJB سعودي جي MBS ۽ امارات جي MBZ جو آھي جيڪي هڪ ٽرائيڪا طور مشاورت ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجن پنهنجن ملڪن جي ڏيهي ۽ پرڏيهي معاملن ۾ بااختيار پڻ  آھن. ٽرائيڪا جي گڏيل صلاح مشورن جو اثر ڪانفرنس جي پڄاڻي تي جاري ڪيل اعلاميي مان ملي ٿو جنهن ۾ ڪشمير تي ڀارتي جارحيت ۽ ملڪ اندر مسلمان اقليت سان ناروا سلوڪ جي ڀرپور مذمت ڪئي وئي آھي جنهن کي پاڪستان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ڪجھه ئي سال پهريان  هن تنظيم ڪشمير تي ڪو اکر ڪُڇَڻ کان انڪار ڪيو هو. ياد رکڻ گھرجي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي استوار ڪرڻ ۾ سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ جو وڏو هٿ آھي جنهن عالمي مامرن تي پاڪستان جي پاليسين ۾  بنيادي تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اسلامي تنظيم جي اهم ميمبرن عربن سان گڏ پاڪستان ترڪي ۽ انڊونيشيا اهم حيثيت رکن ٿا. هڪ طرف عرب  اسرائيل کي تسليم ڪري چڪا آھن ته ٻئي طرف پاڪستان ته وري geo economics جي پاليسي کي اهميت ڏيڻ جي ڪوششن تي گامزن آھي جنهن کي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ وڏي shift شمار ڪري سگهجي ٿو.

اهم ميمبر ملڪن جي پرڏيهي پاليسي ۾ اهڙي شفٽ جو سڌو اثر ريجنل ۽ گلوبل طاقتن کان سواءِ اسلامي ملڪن جي هن تنظيم تي به پوڻو آھي پر اصل ضرورت هن ڳالھه جي آھي ته هن تنظيم جي ميمبرن کي هڪٻئي جي اندروني معاملن ۽ فقهي مسئلن ۾ دست اندازي کان پري رھڻ گھرجي ۽ لبرلزم جي فروغ ۽ ترقي لاءِ ڪوششون وٺڻ گھرجن. اها به حقيقت آھي ته اتحاد انصاف ۽ ترقي ڏانهن  سچائي ۽ ايمانداريءَ سان  کنيل قدم مسلمان رياستن جي سياسي، ثقافتي ۽ معاشي ترتيب کي يڪسر بدلائي سگهي ٿي. هي عنوان ۽ اعلاميو جنهن ۾ مغرب جي ڌر نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي اونداهي رات کان پوءِ صبح جي روشني اچڻ جو اهڃاڻ بڻجي ظاهر ٿيو آھي.

[email protected]