سياسي ايجنڊا تي آيل عوامي مسئلا

0
135
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

موجوده سياسي سرگرمي دوران پهريون دفعو ٿيو آهي جو مخالف ڌر گڏيل طور بيان جاري ڪندي عوامي مسئلن خاص ڪري مهانگائي ۽ بيروزگاري  بابت ڪا لائين ۽ پاليسي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته اهي اقتدار ۾ اچي انهن مسئلن کي ڪيئن حل ڪندا؟ نه ته هن وقت تائين انهن ٻنهي مسئلن تي ڳالهايو ته ويندو هو حڪومت کي ذميوار قرار ڏنو ويندو هو پر پنهنجو لائحه عمل پيش نه ڪيو ويندو هو. اهي مسئلا سياسي سرگرمي مان  ايئن گم هئا ڄڻ سياست نالو ئي عوامي مسئلن کان سواءِ ٿيندڙ سرگرمي جو آهي جڏهن ته اها سڄي سياست ٿيندي ئي عوام جي نالي تي آهي.بهر حال اها بهتر ڳالهه ٿي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ انهن مسئلن جو اپوزيشن اظهار ته ڪيو آهي ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.

گڏيل اپوزيشن 23 مارچ جي حوالي سان گڏيل بيان جاري ڪيو ، جنهن ۾ چيو ويو  ته پاڪستان جي عوام پي ٽي آءِ حڪومت جي ناڪام پاليسين، مهانگائي، بيروزگاري سبب عدم تحفظ جو شڪار ٿي چڪي آهي، موجوده سليڪٽيڊ حڪومت پاڪستان جي ترقي جي سفر کي چڪناچور ڪري ڇڏيو آهي. ن ليگ جي مريم اورنگزيب پاران جاري ڪيل بيان ۾ مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين وڌيڪ چيو آهي ته اڄ جي تاريخي ڏينهن جي حوالي سان اپوزيشن عوام سان عهد ڪري ٿي ته غربت، مهانگائي، بيروزگاري کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ، سماجي ۽ معاشي اڻ برابري کي ختم ڪرڻ ۽ صنعتي انقلاب آڻڻ لاءِ حڪومت ۾ اچي هنگامي قدم کنيا ويندا،  تمام لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ ٺوس قدم کنيا ويندا، غريبن، مزدورن ۽ هارين لاءِ فوري ۽ جامع رليف پاليسيون آنديون وينديون.ڏٺو  وڃي ته سياست جو محور ئي اهي عوامي مسئلا هوندا آهن جن بابت آواز اٿاري سياسي پارٽيون عوام کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جون ڪوشسون ڪنديون آهن پر اسان وٽ وري ان جي ابتڙ سياست ٿيندي رهي آهي.

سياسي پارٽيون مختلف نعرا کڻي عوام وٽ وينديون  رهيون آهن پر ڪڏهن به انهن عام استعمال جي شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي کان وٺي وڌندڙ بيروزگاري سبب عوام سان گڏ بيهي ڪا سياسي چرپر يا تحريڪ نه هلائي آهي يا حڪمرانن وري انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن عوام کي اعتماد ۾نه ورتو آهي جنهن ڪري  عوام جي اڪثريت انهي سياست کان ڪنهن حد تائين ويڳاڻي يا لاتعلق هوندي آهي ڇاڪاڻ ته عوام سمجهي ٿي ته انهي سياست ۾ سندن بنيادي مسئلن جي حل جو ڪو ذڪر ناهي. هن ساڍن ٽن سالن دوران عوام جنهن مهانگائي ۽ بيروزگاري کي منهن ڏنو آهي ان جو اعتراف حڪمران به ڪن ٿا ته مخالف ڌر وارا به ان جو ذميوار حڪمرانن کي قرار ڏيندا رهن  ٿا پر تنهن هوندي ٻنهي ڌرين تي اها عوامي توڙي سياسي تجزئي نگارن جي تنقيد ٿيندي رهي آهي ته اهي عوامي مسئلن تي ڪا واضح پاليسي يا حڪمت عمل نه ٿا ڏين. پهريون دفعو ٿيو آهي ته وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪندڙ مخالف ڌر گڏيل بيان ۾ انهن عوامي مسئلن جو نه رڳو اظهار ڪيو آهي پر اهو به چيو آهي ته اهي حڪومت ۾ اچي انهن مسئلن کي ڪهڙي نموني حل ڪرڻ لاءِ هنگامي قدم کڻندا. انهن مسئلن ۾ مهانگائي ،بيروزگاري ۽ لاپته ماڻهن جي بازيابي  جي ڳالهه ٿيل آهي جن کي زوري کنڀي گم ڪيو ويو آهي ۽ ڪيتري وقت کان انهن جي خبر ئي نه ٿي پوي ته ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهن.

اسان سمجهون ٿا ته حڪومتون اچڻيون وڃڻيون شيون آهن اڄ جيڪي اقتدار ۾ آهن اهي سڀاڻي مخالف ڌر ۾ هوندا ۽ جيڪي اڄ مخالف ڌر ۾ آهن اهي سڀاڻي اقتدار ۾اچي سگهن ٿا پر جيڪا اصل ڳالهه آهي اها اِها ته سياسي ڌرين کي عوامي مسئلن ته هر حال ۽ هر پليٽ فارم تي ڪليئر هئڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته عوام جي مسئلن کي جيڪا حل نه ڪري سگهي اها سياست عوام جي ڪم جي نه آهي ۽ ان کان عوام ايئن ئي لاتعلق رهندو.