اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران خان جي ڪنٽينر تي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۾ بحث واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد اسد عمر جي وضاحت اچي وئي، اسد عمر چيو آهي ته مارچ دوران هڪ جنريٽر خراب ٿيڻ واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي، هڪ جنريٽر خراب ٿيڻ بعد ٻيو جنريٽر گاڏين ۾ ڦاٿل هو، ڦاٿل جنريٽر کي ڪنٽينر تائين پهچڻ ۾ دير ٿي رهي هئي، نواز ليگ جي سوشل ميڊيا پيج تي اها وڊيو پوسٽ ڪندي تبصرو ڪيو ويو هو ته ناڪام ٿيندڙن جو ڪو به دوست نه هوندو آهي، ٻئي تبصري ۾ چيو ويو ته ماڻهو گهٽ هئڻ تي اسد عمر مقامي اڳواڻن تي ڪاوڙ ڪري رهيو آهي. اسد عمر چيو ته منهنجي هڪ وڊيو ڪلپ هلائي رهيا آھن ته اختلاف ٿي ويا پر اهڙي ڳالهه نه هئي، هي مارچ ڏسي گهٻرائجي ويا آهن.