ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سان ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ڪالهه هتي سي ايم ھائوس ۾ ملاقات ڪئي ـ ان موقعي تي وزيراعليٰ مرادشاهه   وفاقي وزير اسحاق ڊار کي سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال کانپوءِ متاثرن  جي بحالي بابت سنڌ حڪومت جي کنيل قدمن بابت آگاھي ڏني، هن  چيو ته سنڌ ۾ لکين ماڻهو بي گهر  ٿيا آھن،  جن جي فوري بحالي نه ٿي ته سياري جي ٿڌ دوران بيماريون پکڙجي سگھن ٿيون، ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ٻوڏ کانپوءِ  چار ڀيرا سنڌ جا دورا ڪري چڪو آھي، سندس پاران اعلانيل امدادي رقم سنڌ حڪومت کي فراھم ڪريون پيا، وفاقي سرڪار وڌيڪ  سھڪار لاءِ تيار آھي، متاثرن جي مڪمل بحالي تائين سنڌ حڪومت سان تعاون جاري رھندو، ان موقعي تي اسٽيٽ بينڪ جو گورنر پڻ موجود هو