حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ 2014ع ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ٽن ماسترياڻين کي جوائننگ آرڊر نه ڏيڻ ۽ عدالتي حڪم بعد ٻيهر سندن معاملي بابت ڇنڊ ڇاڻ نه ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ تعليم کاتي جي ڊي اي او کي نوٽيس جاري ڪندي 27 مئي تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. تعلقي حيدرآباد جي هوسڙي واري علائقي سان تعلق رکندڙ سپنا راجپوت، مسمات اليوينه ۽ مسمات شمائلا ارم عدالت ۾ جوائننگ آرڊر نه ملڻ خلاف درخواستون داخل ڪرايون آهن. درخواستن تي ٻڌڻي جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس محمد سليم جيسر تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. عدالت پاران طلب ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنر سميت لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا. درخواست گذار ماسترياڻين عدالت کي آگاهي ڏني ته 2014ع ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪرڻ بعد کين آفر آرڊر جاري ڪيا ويا. بعد ۾ مختلف سبب ڄاڻائي کين جوائننگ نه ڏني وئي تنهن تي عدالت تعليم کاتي جي عملدارن کان جوائننگ نه ڏيڻ بابت پڇاڻو ڪيو. عملدارن جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته 2014ع ۾ 7 سيٽن لاءِ 7 عورت اميدوار اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪئي هئي جنهن بعد مختلف وقتن تي ست ئي اميدوارن هڪٻئي مٿان سندن بوگس ڪاغذ هئڻ جو الزام هڻنديون رهيون آهن. جنهن بعد لاڳاپيل عدالت جي حڪم تي سمورن اميدوارن جي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ جو فيصلو ڪري معاملو ڊپٽي ڪمشنر حوالي ڪيو ويو هو. عدالت ڊپٽي ڪمشنر کي مخاطب ٿيندي پڇيو ته اوهان اڃا تائين ڇنڊ ڇاڻ وارو معاملو مڪمل ڇو نه ڪيو آهي؟ تنهن تي ڊي سي عدالت کي آگاهي ڏني ته انهن ايس اين جي کاتي کي لکيو آهي پر انهن اڃا تائين ڪو به خاطرخواهه جواب نه ڏنو آهي. کين مهلت ڏني وڃي ته جيئن هو معاملو اڪلائي سگهن. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر ۽ تعليم کاتي جي عملدارن کي حڪم ڏنو ته هو 27 مئي تي تفصيلي جواب جمع ڪرائين.