شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور ضلعي جي ننڍن وڏن شھرن ۾ حد دخلين سبب رستا ۽ گھٽيون سوڙھيون ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مشتاق احمد ڪلوڙ ڊي سي شڪارپور ڊاڪٽر ڪاشف نبي کھڙو کي خط لکي ڇڏيو آھي، خط ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته شڪارپور ۾ وڌندڙ انڪروچمينٽ ۽ والار سبب عام ماڻھو ڏکيائين کي منھن ڏيئي رھيا آھن، حد دخلين جي ڪري رش وڌي وڃي ٿي جنھن ڪري حد دخليون ھٽائڻ لاء ڪردار ادا ڪيوم وڃي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي اھڙي خط بعد ڊي سي شڪارپور ضلعي جي چئني تعلقن خانپور، لکي، ڳڙھي ياسين ۽ شڪارپور جي اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ ميونسيپل ڪاميٽي ايڊمنسٽريٽرز کي شھرن مان حددخليون ھٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.