ڌاٻيجي (ن پ ا) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان چيو آهي ته سنڌ ڌرتيءَ تي ڌارين جو قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، 6 جون تي بحريا جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻي شرڪت ڪري سنڌ واسي ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. اهڙو اظهار هن پريس ڪلب گهارو ۾ صحافين سان ڳالهيندي ڪيو. هن چيو ته اسان کان پنهنجا شهر ڌرتي ڌڻين سان فلسطينين وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. آصف زرداري پاران ملڪ رياض کي سيوهڻ کان وٺي ملير تائين سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڏني پئي وڃي سنڌ جي ماڻھن کي پ پ نڌڻڪو ڪري مارائي رهي آھي پر جسقم ائين ڪرڻ نه ڏيندي، سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڌرتي ڌڻين سان جبر ۽ ظلم ٿيو ته جسقم جا لکين ڪارڪنن رستن تي نڪري ايندا. هن چيو ته 6 جون تي بحريا ٽائون جي مک گيٽ اڳيان تاريخي ڌرڻو هڻي اهو ثابت ڪنداسين ته اسين سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بنائڻ جي سگهه رکون ٿا.