ميرپورخاص (ڪورٽ رپورٽ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نامزد جوابدار هريش ڪمار ڪڙيلا سندس ساٿي عدالت ۾ پيش، ٻڌڻي 2 جون تائين ملتوي، ان ڏس ۾ 10 مهينا اڳ ايف آءِ اي ميرپورخاص پاران فاريڪس ٽريڊنگ اربين رپين جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث هريش ڪمار ڪڙيلا سندس مينيجر چيتن ڪمار ڀيل ۽ سندس 9 ڀائيوران خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جيڪو ڪيس ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي عدالت ۾ هلندڙ آهي، ڪيس جي ٻڌڻي دوران سمورا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جتي ايف آءِ اي جو وڪيل نه اچڻ سبب عدالت ٻڌڻي 2 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.