عدالتي حڪم باوجود سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ويب سائيٽ کي انٽرنيٽ تان نه هٽايو ويو

0
207
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار عدالتي حڪم بعد چيف سيڪريٽري سنڌ کي تفصيلي آرڊر اماڻي ڇڏيو آهي. لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽريز ڏانهن به ڌار ڌار ڪاپيون اماڻيون ويون. عدالت 2018ع ۾ گڏيل چٽاڀيٽي واري امتحان سميت ميڊيڪل آفيسر ميل/ فيميل جون 1783 مقرريون ڪالعدم قرار ڏنيون هيون. عدالت تفصيلي فيصلي ۾ ڄاڻايو هو ته ايڊيشنل رجسٽرار عدالتي فيصلي جون ڪاپيون چيف سيڪريٽري سنڌ سميت لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽريز ڏانهن موڪلي ته جيئن اهي مقررين تي ويٺل عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري سگهن. عدالتي حڪم باوجود سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ويب سائيٽ کي به انٽرنيٽ تان نه هٽايو ويو. سنڌ هاءِڪورٽ ٻه ڏينهن اڳ فيصلي ۾ حڪم ڏنو هو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ويب سائيٽ جي حوالي سان قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون آهن ان لاءِ ويب سائيٽ کي انٽرنيٽ تان هٽايو وڃي پر اڃا تائين ويب سائيٽ کي انٽرنيٽ تان نه هٽايو ويو.