هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف ڏنل فيصلي تي نظرثاني ڪري:ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن

0
406

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس ۽ مظاهرو، اڳواڻن جو چوڻ آھي تھ هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف ڏنل فيصلي تي نظرثاني ڪري، عدالتي فيصلي سان 1783 ڊاڪٽرز گهر ڀيڙا ٿي ويندا، وومين ميڊيڪل آفيسرز جون سيٽون نه ملڻ تي ليڊي ڊاڪٽرياڻين انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي انهن عدالت کي ائين نه چيو هو ته سڀن کي بيروزگار ڪيو وڃي، ميرٽ کي نظر انداز ڪميشن جي عملدارن ڪيو ان ۾ ملازمتون حاصل ڪندڙن جو ڪهڙو ڏوه آهي جو انهن کي هٽايو ويو آهي، پريس ڪانفرنس دوران ھنن چيو تھ سمورا ڊاڪٽرز ٻن سالن کان ڪورونا وبا ۾ ايمرجنسي صورتحال دوران ڊيوٽيون سرانجام ڏيئي رهيا آهن ، سپريم ڪورٽ ڊاڪٽرز کي بيروزگار ڪرڻ جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي، جڏھن تھ ڊاڪٽر روشن چانڊيو، ڊاڪٽر ارسلان سومرو، ڊاڪٽر فيضان ميمڻ ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ احتجاج پڻ ڪيو.