پيرجو ڳوٺ ۾ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڌڻي بخش ۽ علي ڏنو ابڙو جي وارثن جو مديجي ۾ احتجاج

0
224

پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجو ڳوٺ ۾ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڌڻي بخش ۽ علي ڏنو ابڙو جي وارثن جو مديجي ۾ احتجاج، ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ ھو تھ رشوت نه ڏيڻ تان اسان جي ٻنهي نوجوانن کي پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماريو آهي، اسان جا ٻئي نوجوان مائٽن ڏي گهمڻ ويل هئا، پوليس گرفتار ڪري ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماريو آهي، پوليس اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.