ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صدام لاشاري جي قتل خلاف سياسي سماجي، مذهبي ۽ قومپرست تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جا احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، ريليون، حيدرآباد ۾ وڪيل برادري پاران پريس ڪلب سامهون درياءِ خان چانڊيو، مهراڻ ڀٽو، ڪامران سولنگي ۽ هارون جتوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڳڙهي خيرو ۾ سول سوسائٽي ۽ شھرين ظفر ڀٽي، اشفاق قادري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي بيگاري پل تي ڌرڻو ھنيو، ٽنڊو غلام حيدر ۾لاشاري برادري، ستپ ۽ مختلف ساڃاهه وندن طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ھالاڻي ۾ صحافي اتحاد جي سڏ تي جاني شاهه، عبدالرزاق لاشاري، اقبال گاڏھي، نثار انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، رتوديرو ۾ لاشاري اتحاد پاران لياقت علي، سليمان، منصور علي ۽ بين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پڊعيدن ۾ سول سوسائٽي ۽ صحافين پاران يونس راڄپر، ظفر تڳر، طالب لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڏهرڪي ۾ پ پ شهيد ڀٽو، جسقم، جسم ۽ ايس يو پي ڪارڪنن شاهه علي لاشاري، ڪمال مهر، مير حسن لاشاري، اڪرم ميتلو، علي حسن لاشاري، عمر ڀيو، مرتضيٰ لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، فيض گنج ۾ سول سوسائٽي ۽ جسقم پاران تصور باقي، شاز خادم شر، الطاف سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٺل ۾ تعلقه بار ڪائونسل پاران عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪري عددنان سرڪي، گلاب بگٽي، روشن ڪنراڻي، رئوف ميمڻ، اياز نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.