ٺل (رپورٽ: حفيظ سومرو) ٺل جي سوشل ورڪر نوجوان شاعر صدام لاشاري وارو مامرو، پوليس پٽي ڀائين کي بچائڻ جو دڳ ڳولي ورتو، صدام ساٿي جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، ايف آءِ آر داخل، اهلڪار ڪاروائي کان آجا، نوجوان جي هڪ وڌيڪ آڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، سياسي سماجي تنظيمن جو ڌرڻو، خبر موجب سوشل ورڪر نوجوان صدام حسين لاشاري کي ناحق گرفتار ڪري ٽن ڏينهن بعد مبينا مقابلي ۾ مارڻ واري معاملي ۾ آءِ جي پاران جاچ ڪاميٽي جوڙڻ باوجود ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته الزام هيٺ آيل ايس ايچ او غلام نبي بجاراڻي سميت ٻين اهلڪارن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي، هو پنهنجي عهدن تي برقرار آهن، پوليس صدام لاشاري جو قتل ڪيس لوڙهڻ لاءِ پنهنجي پٽي ڀائين کي بچائڻ جو دڳ ڳولي ورتو آهي ۽ ايف آر اهلڪارن بدران ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي وڃڻ ڏيکاري ڇڏيو آهي، آباد پوليس ايس ايچ او نبي بخش جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو، داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾  پوليس موقف اختيار ڪيو آهي ته آباد پوليس جاسوسي اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهتي ته مقابلو ٿيو، جيڪو 10 منٽن تائين جاري رهيو، پوليس موجب مقابلي دوران جوابدار ڌر جي همراهه جون دانهون ٻڌيون ته توهان جون گوليون لڳيون آهن، بعد ۾ معلوم ٿيو ته هڪ هٿياربند مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ صدام لاشاري طور ٿي، ايف آءِ آر ۾ صدام لاشاري کي بدنام ڏوهاري ڄاڻايو ويو جڏهن ته صدام لاشاري وٽان پسٽل ۽ سندس ٽن ساٿين وٽان ڪلاشنڪوف هٿ اچڻ جو به ڄاڻايو ويو آهي، پوليس موجب صدام لاشاري پوليس جي فائرنگ ۾ نه پر سندس هڪ ساٿي جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، مقابلي جي 5 منٽن بعد  صدام لاشاري وٽ پوليس پهتي ته هو مئل حالت ۾ هو ۽ سندس سڄي هٿ ۾ پسٽل هو، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  صدام لاشاري کي چار گوليون لڳل هيون، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا هئا، مقتول نوجوان جي ڀينرن حسينا خاتون ۽ رشيدان خاتون چيو ته مک جوابدار ايس ايچ او غلام نبي بجاراڻي آهي جيڪو اڃا تائين عهدي تي برقرار آهي، ان ڪري ڪا به جاچ درست ٿيڻ جي اميد ناهي، هنن چيو ته قتل ڪيس جي انڪوائري ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جيڪب آباد جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي ڪرائي وڃي، جڏهن ته ان کان اڳ ايس ايس پي جيڪب آباد سمير نور چنا کي هٽايو وڃي ۽ قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي، نوجوان صدام لاشاري جي هڪ ٻئي آڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌي سگهجي ٿو ته نوجوان صدام لاشاري پاران ڪيس داخل ڪرائيندڙ ڌر جي شخص مريد سان ۽ نامعلوم عورت سان فون تي ڳالهائي رهيو آهي ته مريد منهنجو نالو ڪهڙي حساب سان ڪيس ۾ ڏنو ٿي، منهنجي مٿان ڪهڙي بنياد تي اوهان ڪيس ۾ نالو ڏنو آهي، منهنجو ته اوهان سان ڪوبه عمل دخل ناهي ته پوءِ اوهان ڪيس ۾ منهنجو بلاجواز ڇو ڏنو، مونکي ٿاڻي مان فون آئي آهي ته اوهان مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن تي نامعلوم عورت پاران مارجي ويل نوجوان سان ڳالهائيندي چوي ٿي ته اسان تنهنجو نالو ڪيس ۾ ناهي ڏنو، ٻئي پاسي سياسي، سماجي، ادبي، مذهبي تنظيمن، بار ڪائونسل ۽ سول سوسائٽي پاران ايڊوڪيٽ روشن ڪنراڻي، عبدالرزاق سرواڻ لاشاري، جاويد ساگر بروهي، شڪيل لاشاري، جمال جوش ٻرڙو، لياقت سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.