ٺل: جيڪب آباد پوليس پاران 4 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ ماريل نوجوان صدام لاشاري جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نوجوان صدام لاشاري کي چار گوليون لڳيون، جنهن ۾ ٻه گوليون کيس سيني ۽ ٻه گوليون جسم جي مختلف حصن ۾ لڳيون، رپورٽ موجب نوجوان جون گوليون لڳڻ سبب سيني جون ٻئي پاسيريون ڀڃي پيون ۽ سندس موت ڦڦڙن، معدي ۽ وڏي آنڊي جي ڦاٽڻ سبب ٿيو.