ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسمبلي صحافين جي تحفظ بابت بل اتفاق راءِ سان پاس ڪري ڇڏيو، جنهن بعد هاڻي سنڌ جا صحافي ڪنهن به خبر جا ذريعا ٻڌائڻ جا پابند نه هوندا ۽ صحافين جِي پيشيوراڻين ذميوارين دوران رنڊڪون پيدا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، سنڌ اسيمبلي ۾سنڌ جي سُڌ سماءَ واري وزير ناصر حسين شاهه بل پيش ڪيو، بل تحت صحافين جَي تحفظ لاءِ ڪميشن قائم ٿيندي، صحافين کي هراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ تي سزا ڏني ويندي، صحافين تي حملن جَي ڪيسن جا فيصلا ترجيحي بنيادن تي ڪيا ويندا، بل پيش ٿيڻ دوران ايم ڪيو ايم جي اسمبلي ميمبر خواجا اظهار ترميم پيش ڪئي ته متاثر صحافي کي ضرورت پوڻ تي سنڌ حڪومت مدد فراهم ڪندي. جيڪا پڻ منظور ڪئي وئي. جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگويج انجنيئرنگ بل پڻ پاس ڪيو ويو، سنڌ جي ثقافت کاتي واري وزير سيد سردار شاهه بل پيش ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته هن دور ۾ اها ٻولي بچي سگهي ٿي جيڪا ٻولي اسڪرين تي هوندي عبدالماجد ڀرڳڙي آمريڪا ۾ رهي ٿو ۽ لاڙڪاڻي جو رهواسي آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ جو موجوده فونٽ متعارف ڪرايو، اسان کيس حياتي ۾ ٽربيوت پيش ڪرڻ لاءِ ان جي نالي سان هي بل منسوب ڪيو آهي جنهن بعد ايوان ماجد ڀرڳڙي بل به گڏيل راءِ سان منظور ڪري ورتو.