ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، سامارو ويجهو ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل همراهه فوت، مختلف هنڌن تي وڌيڪ 28 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي. خبر موجب سامارو لڳ ڳوٺ پنهون خاصخيلي ۾ ڏيڍ مهينو اڳ ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب زخمي ٿيل 34 ورهين جو اسماعيل خاصخيلي ميرپورخاص اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. ڪتي جي چڪ بعد نوجوان کي وارث ويڪسين نه ڪرائي سگهيا هئا، سندس طبيعت خراب ٿيڻ تي نوجوان کي ميرپورخاص اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو. لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ رولو ڪتن 7 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ ظفر علي، غلام مصطفيٰ، معراج، محمد مٺل، آسيه، خالقه خاتون ۽ عظيمان شامل آهن. قمبر ۾ 5 ڄڻن 7 سالن جي حبدار علي، 28 سالن جي رابعه، 8 سالن جي مائره، 55 سالن جي عبدالقادر ۽ 7 سالن جي عاقب کي رولو ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو. گمبٽ ويجهو هالاڻي ۾ 50 ورهين جي رحيم بخش، ڳوٺ سردهه جوڻيجو واسي 8 ورهين جي هالار جوڻيجو، ڳوٺ فضل محمد ۾ 12 ورهين جي سفير علي، محرابپور واسڻ 8 ورهين جي بيبي ايمان سومرو کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو. ڪنڌرا لڳ قادر بخش قبا چوڪي انچارج نعيم احمد موريجو کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، دادو ڀرسان ڳوٺ حمزو ڪولاچي ۾ ڪتي عظميٰ ڪولاچي کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، ڳوٺ الهڏتو چهواڻ ۾ 10 سالن جي شڪيلا چهواڻ، ڳوٺ جمال خان جانوري ۾ بلاول جانوري کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪيو. ايمرجنسي وارڊ جي ملازمن زخمي عورت عظميٰ ۽ زخمي ٻارڙي شڪيلا کي ڪتي کان بچاءَ واري ويڪسين سرنج ۾ وجهي گائني وارڊ مان نرسن کان هڻائڻ لاءِ موڪليو، جتي نرسن ويڪسين ڪرڻ کان انڪار ڪندي واپس ايمرجنسي وارڊ موڪلي ڇڏيو، جنهن سبب زخمي 5 ڪلاڪن تائين دربدر ٿينديون رهيون، بعد ۾ خانگي اسپتال مان ويڪسين ڪرائي. شھدادپور ۾ رولو ڪتي 10 ورهين جي مظهرالحق کوسو کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو، مٺياڻي ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، زخمين ۾ 8 ورهين جو محسن ڀٽي ۽ 20 ورهين جو نصرالله ڀٽي شامل آهن. ميرپورخاص ۾ ڪتن 5 ڄڻن 7 ورھين جي جميل، 4 ورھين جي امه حبيبه، 7 ورھين جي نازا، 30 ورھين جي نديم ۽ 53 ورھين جي پانچو کي ڏاڙهي وڌو.