لنڊن (م ڊ) برطانيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڀارتي قسم پکڙجي ويو، فرانس برطانيا کان ايندڙ مسافرن تي سختي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، آسٽريليا جي رياست وڪٽوريا ۾ لاڪ ڊائون جي پهرين ڏينهن مقامي منتقلي جا 4 ڪيس رپورٽ ٿيا، ڀارت ۾ هڪ ڏينهن اندر گهٽ ترين ڪورونا ڪيس سامهون آيا آهن، 24 ڪلاڪن دوران وبا سبب هڪ لک 86 هزار ماڻهو متاثر ۽ وڌيڪ 3 هزار 360 ماڻهو فوت ٿي ويا، مهاراشٽر رياست ۾ پابنديون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.