ڪراچي ( نمائندن وٽان) ڪورونا جا ڪلور جاري، وڌيڪ67 شهري فوت، 2482 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ ڪورونا شرح 4.8 سيڪڙو رهي، اسلام آباد ۾ ڀارتي هڪ ۽ ڪراچي ۾ ڏکڻ آفريقي وائرس جا 7ڪيس ظاهر ، ٻئي طرف سنڌ ۾گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وڌيڪ 15 جانيون کسي ورتيون، جڏهن ته 1252 نوان ڪيس سامھون آيا، ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ھن وقت 24415 مريض علاج ھيٺ آھن، جن مان 23402 گهرن،991 اسپتالن ۽ 22 آئسوليشن سينٽرن ۾ آھن. 937 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي، جن مان 74 مريض وينٽيليٽرز تي آهن . ڪراچي ۾ 780، حيدرآباد ۾ 73، سکر ۾ 53، بدين ۾38، سجاول ۾ 27، قمبر ۾ 25 ، دادو ۾ 21، ڄامشوري ۾19، نوشھري فيروز ۾ 17، نوابشاھه ۾ 16، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي ۽ خيرپور ۾15، ميرپورخاص ۾ 13، ڪشمور ۾ 12، ٽنڊي الھيار ۾ 10، ٿرپارڪر ۾ 10، سانگھڙ ۾ 9، عمرڪوٽ ۾ 8، جيڪب آباد ۾ 2، شڪارپور ۾ ھڪ نئون ڪيس رپورٽ ٿيو. حيدرآباد ۾ آبپاشي کاتي جي روهڙي ڪئنال جي سپرنٽينڊنگ انجنيئر محمد شعيب احمد سمون سميت 2 ڄڻا ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا. گريڊ 19هين جي انجنيئر محمد شعيب سمون کي هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ڪورونا جي تشخيص ٿي هئي، جنهن کانپوءِ کيس ابتدائي طور حيدرآباد جي ٻن اسپتالن ۽ بعد ۾ ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. 58 سالن جي محمد شعيب سمون جي پيدائش 21 جون 1963ع تي حيدرآباد جي ٽنڊي ولي محمد پاڙي ۾ ٿي. هن بي اي سول اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي مان ڪئي هئي ڪورونا سبب فوت ٿيل 75 سالن جو محمد مٺل ولد مير محمد گلستان سجاد جو رهواسي هو علائقي سان هو. حيدرآباد ۾ ڪورونا جي شرح 6 سيڪڙو رهي، ٻئي پاسي ٽنڊي محمد خان ۾ صحت کاتي جو اڳوڻو ڊي ايچ او ۽ سنڌ جو ناليوارو اکين جو ماهر 65 سالن جو ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ ڪورونا وائرس سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو ، ڊاڪٽرنثارميمڻ سڄي سنڌ ۾ سوين مفت ڪيمپون هڻي هزارين بي نور ماڻهن جي اکين جا مفت آپريشن ڪيا، ٻئي طرف سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيوآهي ته ڪراچي ۾ ڏکڻ آفريقا واري ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌي رهيا آهن، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تازو71 سيمپلز جي ٽيسٽ ڪرڻ تي 71 سيڪڙو ڪيس ڏکڻ آفريقا ۽ 20 سيڪڙو برطانوي وائرس جا نڪتا، هن چيو ته ڏکڻ آفريقي ڪورونا تيزي سان پکڙجي ٿي، 2 سالن کان گهٽ ڄمار وارا ٻار وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، ويڪسين ئي حل آهي .