ڪراچي: سنڌو تي اڏيل ڪوٽڙي بئراج جي چيف انجنيئر حاجي خان جمالي چيو آهي ته ڪوٽڙي بئراج وٽ هن وقت پاڻي کوٽ 55 سيڪڙو آهي، جنهن بابت حڪومت کي آگاهه ڪري چڪا آهيون، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪوٽڙي بئراج جي گهرج 56 هزار ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته هن وقت اسان وٽ 10900 ڪيوسڪ پاڻي موجود آهي. هن پاڻي جي انگن اکرن ۾ هيرا ڦيري جا الزام بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته پاڻي جا انگ اکرن ۾ هير ڦير جي غلط بياني ڪئي پئي وڃي، سنڌ کي پاڻي پنجاب ڏئي ٿو، گڊو بئراج جي اپ اسٽريم جا انگ اکر به پنجاب ڏئي ٿو، پوءِ به جيڪڏهن انهن کي ڪو خدشو آهي ته گڊو بئراج جي اپ اسٽريم ۾ ويهي چيڪ ڪري، هن چيوته جيڪو پاڻي گڊو بئراج تائين پهچي ٿو، ان جي ورهاست سنڌ حڪومت ڪندي آهي، پاڻي جي انگ اکرن کي گهٽ وڌ ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟ هن چيو ته سنڌ ۾ خريف سيزن ۾ وڏي ايراضي تي ساريالو فصل ٿيندو آهي، 60 سيڪڙو ايراضي تي ساريون ٿينديون آهن، جيڪڏهن فصل نه ٿيندو ته تمام گهڻو ماحولياتي، معاشي ۽ جانورن جو نقصان ٿيندو، اهو ملڪي معيشت تي به اثر وجهندو. ٻئي طرف سکر بئراج جي چيف انجنيئر سردار شاهه چيو ته خريف جي شروعات ۾ ئي ٽي پي ۽ سي جي لنڪ ڪئنال کولي سنڌ سان زيادتي ڪئي وئي، جيڪڏهن پنجاب پنهنجي کڻت روڪي اسان لاءِ پاڻي ڇڏين ها ته اسان شروعاتي خريف ڪڍي وڃون ها، ڇاڪاڻ ته پنجاب ۾ خريف سنڌ کانپوءِ شروع ٿيندو آهي. ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن وقت سنڌ جي گڊو بئراج تي انڊينٽ هڪ لک ڪيوسڪ آهي، اسانکي رڳو 59 هزار ڪيوسڪ ملي ٿو، انهي حساب سان سکر بئراج تي 47 هزار ڪيوسڪ پاڻي پهچي ٿو، هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 40 کان 50 سيڪڙو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ اها کوٽ 6.27 سيڪڙو مس آهي، هن چيوته گڊو وٽ 36 سکر بئراج وٽ 34 ۽ ڪوٽڙي بيراج تي تقريبن 50 سيڪڙو پاڻي کوٽ آهي، بلوچستان سکر ۽ گڊو بئراجن تان پاڻي کڻندو آهي، جنهن کي سندس شيئر کان 20 سيڪڙو وڌيڪ پاڻي ملي ٿو. هن چيو ته تونسا تي 2 ڏينهن اڳ پاڻي کوٽ 13 سيڪڙو هئي، جيڪا ڪالهه 8 سيڪڙو ٿي وئي آهي، ان جو سببب اهو آهي ته هنن تونسا وٽان مظفر ڳڙهه ۽ ڊي جي خان کي 500،500 ڪيوسڪ پاڻي وڌيڪ ڏئي ڇڏيو آهي، اها زيادتي آهي. هن چيو ته پاڻي کوٽ رڳو زمين لاءِ نه پر انسانن، جانور ۽ پکين لاءِ به آهي، جيڪڏهن ارسا پاڻي جي برابر ورڇ ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ پاڻي کوٽ ۾ سنڌ 50 ۽ پنجاب 8 سيڪڙو کوٽ ڇو ٿو کڻي؟