شڪارپور ۾ نوجوان گوليون ھڻي قتل

0
157
ڪرمپور ۾ جعفري-جتوئي

شڪارپور(ن پ ا) شڪارپور ۾ نامعلوم ھٿياربندن حملو ڪري نوجوان محمد علي لھر کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آھي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو

مقتول نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته محمد علي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول  اسپتال شڪارپور کان سکر کڻي وڃي رهيا هئاسين رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي