مرزاپور ڀرسان پراڻي تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل

0
162
نصير آباد ڀرسان سرن جي بٺي جو چوڪيدار گوليون هڻي قتل
نصير آباد ڀرسان سرن جي بٺي جو چوڪيدار گوليون هڻي قتل

مرزاپور(ن پ ا) مرزاپور جي ڪچي واري علائقي فقير ڳوٺ ۾ مبينا گوليون لڳڻ سبب 40 سالن جو رسول بخش جوڻيجو مارجي ويو, مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته رسول بخش جوڻيجو گهر ٻاهران بيٺل هو ته هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو

واقعي جي اطلاع بعد پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو

پوليس جو چوڻ آهي ته جوڻيجا برادري وچ ۾ تڪرار هلندڙ آهي، واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون