شيخ اياز هڪ باغي، هڪ انقلابي شاعر

0
1381
شاھ لطيف: هڪ انقلابي شاعر

 سياسي، سماجي ۽ ادبي تحريڪون ۽ رجحان هڪ شاعر تي اثرانداز ٿين ٿا. اهڙو ئي ڪو ڪرب هجي ٿو، جو هو رد عمل ۾ لکي ٿو. جنرل ايوب خان، جنرل يحييٰ خان ۽ جنرل ضياءَ جي آمريتي دؤرن شيخ اياز جي سوچ ۽ شعور کي سگھه بخشي. 1955ع کان نومبر 1969ع تائين ون يونٽ جي دؤر آهي، ان دؤر ۾ اياز  گهڻو سَٺو ۽ برداشت ڪيو، اياز جا ڪتاب “ڀونر ڀري آڪاس” 1964ع ۾، “ڪلهي پاتم ڪينرو” 1968ع ۾، “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” 1986ع ۾ ضبط ٿيا. اياز کي سيپٽمبر 1965ع کان ڊسمبر 1965ع تائين پهريون دفعو جيل ياترا ڪرائي وئي. ايوب شاهي ٻيو دفعو نومبر 1968ع کان فيبروري 1969ع تائين ساهيوال جيل ڀيڙو ڪيو. اياز ٽيون دفعو مئي 1971ع کان جنوري 1972ع تائين جيل ۾ رهيو. اياز سياسي طور تي بزم صوفياءِ سنڌ، متحدا محاذ ۽ عوامي ليگ ۾ رهيو.

                 هن سماجي ناانصافي، معاشي استحصال ۽ قومي سوال تي جڏهن شاعري جي روپ ۾ ڳالهايو ته ڪاريهر تي پير پيو جو مصداق ٿي پيو:

“مون ته چيو هو تو کي، بابا!

۽ پو ٻوڙا لُڙڪ لڙن ٿا

اهڙا گيت لکين ڇو ٿو تون،

جو توتي زنجير وجهن ٿا!

توکي ديس_ دُروهي ڪوٺي،

ڪُوڙا ڪانئر بَڪ بڪ ڪن ٿا

۽ هُو در تي

ٺَڪ ٺَڪ ڪَن ٿا.” ( هي گيت اڃايل مورن جا)

شيخ اياز آرٽ کي اظهار جو موثر ذريعو سمجهي ٿو ۽ سماجي، معاشي ۽ سياسي حالتن جي اُپٽار نثر ۽ نظم جي صورت ۾ ڪري ٿو. هو ڄاڻي ٿو ته فن جي ذريعي فڪري تحريڪ برپا ڪري سگهجي ٿي. هو عوام جي سماجي ۽ سياسي سجاڳي لاءِ فني پختگي سان پُر اثر فن سان ڳالهائي ٿو جو صديون صدائون ٿي وڃن ٿيون. هو نوآبادياتي نظام ۽ ورهاڱي جي ورهاست ۽ ورثو ڏسي چڪو هو. مذهب جي بنياد تي تقسيم ۽ خونريزي ڏسي اياز جي ڪوتا ڪر موڙي جاڳي پئي:

ناهي پنهنجي ساهتيه جو ڪو ورهاڱو،

ڀانيو مون ڀاڱو، ڪڏھن ناهي پاڻ کي. (جهڙ نيڻان نه لهي)

 هن هڪ ئي وقت دنيا جي جديد رياستن جي قومي جمهوري ۽ سوشلسٽ نظام کي پئي ڏٺو، ته ٻئي پاسي پنهنجي دڳ ۽ ماڳ تي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي سياسي ڪردار کي پئي پرکيو. اياز عالمي سامراجي ڪردار کان واقف هو ته جديد نظرين، لاڙن ۽ تحريڪن جهڙوڪ سماجوادي فڪر، قومپرستي، جمهوريت پسندي، انسان دوستي، عقليت پسندي، سيڪيولرزم ۽ ٻين سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تحريڪن کان به با خبر هو. اياز دنيا جي جديد ذهنن کي پڙهي سنڌ ۾ نئين فڪري لهر اُڀارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو؟ ۽ هو انقلاب جو نقيب ٿي پيو هو؟ عوام کي اُڀارڻ هن جي شاعري جو مينيفيسٽو هو؟

 وَڃو، ڪنويليو، وَڃو!

 وڃي پرينءَ کي چئو،

 اڃا ته جاڳ ٿي جَلي،

 اڃا ته ويڙهه ٿِي هَلي… ( رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي)

شيخ اياز هڪ ترقي پسند شاعر آهي ۽ وقت جي ارتقا سان خيالن جو اظهار ڪري ٿو. هن ساڻ تصورن ۽ ويچارن جو وهڪرو وقت ۽ حالتن مطابق رهي ٿو. اها ئي منزل جي جستجو آهي، جو هو جامد ٿي نٿو رهي. هن جي آرٽ ۾ شد ڪلا يعني فن براءِ فن جهڙا اصطلاح گهٽ اهميت رکن ٿا، سندس شاعري سماجي ڪارج جي بهترين پروپئگينڊا آهي. هي قومي ۽ جمهوري جدوجهد لاءِ ڪويتا لکي، عوام ۾ اُتساهه پيدا ڪري ٿو. ديش ڀڳتي، انسانيت ۽ محبت جهڙن موضوعن ۾ مڌرتا سان سچائي جي وسعت تخليق ڪري ٿو. شاعرِ محبت شيخ اياز هڪ باغي بڻجي جمودي سماج جو ڍانچو تبديل ڪرڻ لاءِ اُتساهي ٿو:

روح هڻي تون روڻ، ٻوڙان ٻوڙ ڪري وئينءَ،

ڪيا پيار پروڻ، سارا بند سماج جا. (سورج مُکيءَ سانجهه)

اياز جي احساساتي اُڏار ۾ سنڌ جو عڪس آهي، جيڪو پنن تي پنهنجا پانڌ پکيڙي ذهنن ۾ اوتجي وڃي ٿو. هو ڪوتا جي ترنم ۾ استحصال پسند طبقي خلاف بغاوت پيدا ڪرڻ جي ترڪيب ٻڌائي ٿو. هو نه صرف پنهنجي دور جي ادبي لڏي کي متحرڪ ڪري ٿو، پر سياسي تحريڪن ۾ به اُتساهه پيدا ڪندو رهي ٿو. اسيرن جي ذهنن جا بند کولي چوي ٿو:

  تون هونءَ به مرندين ڪاڇي ۾،

 اڄ ناهر وانگر ڇال ڏئي،

 تون آءُ پهاڙي پاڇيءَ ۾. ( وِڄُون وَسڻ آئِيُون)

اياز فڪري وسعت کي شعر جي ترنم سان جوڙي جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقن جي ڦرلٽ ۽ استحصال پسندي کي وائکو ڪري، سنڌ ۾ مُدي خارج فيوڊل نظام کان بيزاري جا سبب ٻڌائي ٿو. هو جاگيردار جي ظلم تي خاموش نٿو رهي، بلڪه ان جي خلاف هن جا گيت ٽڪر کائي چون ٿا ته:

هوُنئن ته وڏيرو هِل ڙي!

ڏاڍي جو ڏَهڪارُ، ته هن جي جهرڪيءَ جهڙي دِل ڙي!

بگڙي جو سَرڪار، ته هُن جو ساپي وارو سانگُ ڙي! (رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي)

……..

ڏوهي هُوندي ڏور وڏيرو

مُرڪي ويٺو ماڙيءَ تي…..

چَنڊُ گَهٽا ۾ ٻيرو ٻيرو،

ريٽو رَت ڪُهاڙيءَ تي. ( ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

اياز پنهنجي سياسي ۽ سماجي موقف سبب زندگي ۾ ڀوڳيو به گهڻو آهي. اياز سان به اها روش رهي، جيڪا سرمد ۽ دارا سان رکي وئي. اياز تهمتن ۽ الزامن جي عتاب هيٺ رهيو. سبب اهو هو جو اياز جي گيتن جي گَونجار محلن ۽ حويلين ۾ ڏار وجهي ڇڏيا هئا. نرت، گيت سُر ۽ سنگيت جا ازلي ويري اياز جي فن ۽ فڪر کان خفا ٿي ويا، سندن رجعتي روايتن تي مُترڪا محسوس ٿيڻ لڳا. اياز تعصبي سوچ ۽ سماجي اوچ نيچ جهڙي ذهنيت کي رد ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ توهم پرستي ۽ غلامي جا ڪيئي روپ ۽ ٻهروپ هئا. اهڙا فِتنا اياز جي شاعراڻي جوهر کي جَهڪو نه ڪري سگهيا. هو جيلن، شهر نيڪالين ۽ نظربندين جي باوجود پنهنجي اٽلتا تي اڏول رهيو:

پريت ۾ جيترا جيءَ جوکا کَنيا،

اوترو مَڌُ مَتو، راڳ مُنهنجا رتا! (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

اياز قومپرست، سوشلسٽ، انسان دوست ۽ سيڪيولر لاڙن ۽ رجحانن کي اُڀاري مضبوط ڪيو، هن جو شعر ڌرتي ۽ مظلوم ماڻهو جي پُڪار جو پڙاڏو ٿي گونجندو رهيو. “ڳڀا ڳڀا روٽلا، کسي ويو ديس جا” جي ردِ عمل ۾ گيت، غزل، وايون ۽ رزميه داستان ضميرن جا زنگ لاهڻ لڳا. هيڻي کي ڏاڍي سان وڙهڻ جي سگھه ۾ اياز جي انوکي ڏات اڏول بيٺي رهي. پنهنجي دور ۾ اياز ذهني سجاڳي جو دليل ٿي پيو هو. جنهن دور جا جاگيردار ۽ سرمائيدار عوام جون هڏيون ماس ڪُرٽي ڇڏين ۽ انهن لاءِ جياپو به جنجال ٿي پوي، ته ان دور جو شاعر سماجوادي نه ٿئي ته پوءِ ڇا ٿئي؟ جنهن دور جا رجعت پسند ڪٽرپڻو ڦهلائي، انسانيت تي ويساهه وڃائي ڇڏين، ان دور جو شاعر سيڪيولر ۽ انسان دوست نه ٿئي ته پوءِ ڀلا ڇا ٿئي؟ اياز الزام تراشيون، عقوبتون ۽ سزائون سهي ٿو، ڀوڳي ٿو، پر شاعري ۾ باغي خيال سموئي هن سماج کي بدلائڻ جي بات ڪري ٿو:

تِکا ڪِئن نه ماري ويا، تاڙ ۾!

لٿو هنج ڪو ڍنڍ تي لاڙ ۾.

اُڀاري وِيو آگ ڪيڏي اياز

بغاوت ڪري گيت جي آڙ ۾! (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

اياز جي شاعري جو هڪ نازڪ و نفيس مزاج آهي، جيڪو لفاظي ۽ اجائي جذباتيت جو اظهار نه بلڪه خوبصورت خيالن ۽ سُندر تصورن ۾ آدرشي اظهار آهي. اياز انقلاب ۾ به رومانوي آهي ۽ سندس شعور سياسي آهي ۽ سياست ۾ هو نجات ۽ آجپي جو گس ڳولي ٿو. ٻئي پاسي رِڌم ۽ مڌرتا جي سنسار ۾ فطرت جي سونهن جي حقيقت ايئن ٻڌائي ٿو ته:

مون، سهڻا! تنهنجي ساک کنئي ۽ لوئيءَ تنهنجي لاک هنئي،

سي ڪانئر ڪنهن ٻي ڪڙم منجهان، جي پريت ڪري پڇتائين ٿا. (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

اياز سنڌ کي هر دور ۾ ۽ هر نظريي ۾ ڳائي ٿو، هو جڏهن ولھه ۾ وينا ڇيڙي ٿو، ته شعوري لاٽ جا راڳ ڀنڀٽ بڻجن ٿا:

اننت آ هيءَ روپ مايا، اڃا ته ڪينر ٻه گيت ڳايا،

اُٿي سُتي لوڪ ڳاءِ چارڻ! صدا اڃا تو ڪٿي ڪئي آ!

 (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

دنيا جي شاعرن لاءِ سونهن اُتساهه پئي رهي آهي، اها سونهن جي سُرت ڌرتي لاءِ رهي آهي ته سماج بدلاءُ لاءِ به رهي آهي. محبوبي مُرڪ ۾ محسوس ڪئي وئي آهي ته منزل جهاڳڻ ۾ به رهي آهي. اياز جي شاعري ۾ چنبيليءَ ول جي مهڪ آهي. اها سُندرتا جنهن لاءِ ڪا به حد بندي نه آهي. اها خوبصورتي ڪنهن هارياڻي جي معصوم ٻارڙي جي مُرڪ ۾ به آهي، ته فطرت ۾ به آهي، جيئن:

ڪونجون ڪرڪن روهه تي، ڪٿي آهين تون؟

توکي ڳولي مون، ڪيڏا پنڌ پُڇائيا! (اڀر چنڊ پس پرين)

اياز فن ۽ فڪر جي سطحي حدبندين کي ٽوڙي، مروج شاعري جي روايتن ۾ جدت آڻي نئون اسلوب ۽ نوان موضوع متعارف ڪيا، آرٽ جي تقاضا مطابق موضوع ۽ هيئت ۾ اِها نواڻ  فارسي ۽ اردو جي ڇاپ کي ٽوڙي هڪ نئين خوشبوءَ ارپي وئي. سنڌي ٻولي کي به سگهه ملي. اياز وٽ نه رڳو خيالن جي نواڻ هئي، پر شاعري جي گهاڙيٽي ۽ سٽاءَ ۾ به تبديليون آنديون، جيڪي هن جي پنهنجي دور ۽ ان کان پوءِ سنڌي شاعرن جي نسل لاءِ موزون ۽ مقبول رهيون آهن. اهو عمل نه صرف لئي، ترنم ۽ خيال ۾ هو، پر اياز رواني سان جيڪا ٻولي استعمال ڪئي، اها تشبيهه، تمثيل، استعاري ۽ علامت ۾ ڏاڍي پُر اثر ۽ دلربا آهي:

هَيءِ هَيءِ ڏاڙهون جهڙا ڳل،

هَيءَ هَيءِ جوڀن جاڙ ڪئي!

نچڻي ٻيهر اچڻي ناهي، هيءِ هيءِ پايل جهڙا پل! (وِڄون وَسڻ آئيون)

اياز پنهنجي تصورن ۽ ويچارن جي وسعت ۾ منفرد آهي، ته ڪٿي ڪٿي متضاد، منجهيل ۽ غيرمنطقي به آهي. هو شاعري جي ولهار ۾ نظرياتي موقف تبديل ڪندو رهي ٿو، سياسي نظرين ۽ آدرشن تي ڳنڍ ٻَڌي بيهي نٿو رهي. هو قومپرستي جي رنگ ۾ رنگيل آهي، ته سوشلزم جي به ڳالهه ڪري ٿو ته ان کان خفا به ٿئي ٿو. هو صوفي ازم جي چادر هيٺ گيڙو رتا گيت لکي ٿو، ته دعا به گھُري ٿو، اياز جي فڪري وشالتا وقت ۽ حالتن مطابق مختلف روپ رکي ٿي. اسي جي ڏهاڪي کانپوءِ اياز جي جذبن جو جوهر جَھڪو ٿيڻ لڳو. 1975ع کانپوءِ واري اياز کي پڙهجي ته سوال اٿن ٿا ته ڇا واقعي اهو ساڳيو شاعر آهي، جنهن بيت ۾ رُڪ ڀرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي:

انڌير-نگر جي بُرجن تي،

مون ان سان ڪيئي وار ڪيا. ( ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

………..

ڪُوڪرا ڪن پيا

سامراجي ڪُتا

شير جمهور جا گرجندا ٿا وڌن. (هي گيت اڃايل مورن جا)

[email protected]