گريٽر ٿل ڪينال فيز ٽو، چوبارا ۽ جلال پور ڪينالن تي سنڌ جا اعتراض

0
276
گريٽر ٿل ڪئنال ٺاهڻ لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ

                 هر ڪنهن دريائي نظام تي ٻه ڀائيوار هوندا آهن، هڪڙو مٿيون ڀائيوار جنهن کي انگريزي ۾ Upper riparian چئجي ٿو ۽ ٻيو هيٺيون ڀائيوار جنهن کي انگريزي ۾ Lower riparian چئجي ٿو، مٿين ڀائيوار جي خواهش اها هوندي آهي ته وڌ ۾ وڌ پاڻي کڻي ڀلي هيٺيون ڀائيوار سڪي. انهي وڌيڪ کنيل پاڻي مان هو نيون زمينون آباد ڪري ٿو. پاڻي گهٽ ٿيڻ سبب هيٺيون ڀائيوار ٺهيل زمينون آباد نٿو ڪري سگهي. ڪنهن به نظام ۾ بندوبست اهو ٿيڻ کپي ته جيڪڏهن هيٺيون نظام ٺهيل آهي ته مٿيون ڀائيوار وڌيڪ پاڻي نٿو کڻي سگهي، جو هيٺيون ڀائيوار سڪندو ۽ ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿيندي. قاعدو اهو آهي ته ٺهيل آبپاشي نظام جو حق اهو آهي ته پهرين هيٺين ڀائيوار جي گهرج پوري ڪيون ۽ مٿيون ڀائيوار وڌيڪ ايراضي آباد نٿو ڪري سگهي.

                 انهي سلسلي ۾ سال 1991ع ۾ ٿيل پاڻي ٺاهه جو ذڪر ڪجي. انهي ٺاهه ۾ ان وقت جي وزيراعظم جي سهمت سان صوبن ۾ ڏي وٺ جي بنياد تي پاڻي ورهايو ويو. جنهن ۾ هر ڪنهن صوبي جو حصو هن ريت آهي:

صو بو

پاڻي جو حصو

1.پنجاب 55.94 ملين ايڪڙ فٽ

  1. سنڌ 48.76 ملين ايڪڙ فٽ
  2. خيبر پختونخوا (پراڻا ڪينال) 5.78 ملين ايڪڙ فٽ
  3. بلوچستان 3.87 ملين ايڪڙ فٽ

ڪل 114.35 ملين ايڪڙ فٽ

  1. خيبرپختونخوا (پراڻا ڪينال) 3.00 ملين ايڪڙ فٽ

117.35 ملين ايڪڙ فٽ

ٺاهه تي عمل.

ٺاهه ٿيڻ کانپوءِ هڪ ادارو ٺاهيو ويو جنهن جو نالو انڊس رور سسٽم اٿارٽي جنهن کي مختصر ڪري I.R.S.A چيو وڃي ٿو. انهي اداري جو ڪم آهي صوبن ۾ پاڻي مٿين ڏنل حصي مطابق ورهائڻ. ارسا جا ڪل 5 ميمبر آهن جن جو مدو ٽي سال آهي. واري وٽي سان هر ڪو ميمبر سا ل لاءِ چيئرمين ٿئي ٿو. اتي ارسا جي قاعدي مطابق اڪثريت جي بنياد تي فيصلا ٿين ٿا. معنيٰ جيڪڏهن ٽي ميمبر هڪڙي پاسي آهن ۽ ٻه ٻئي پاسي ته 3 ميمبرن جي اڪثريت ٿي وڃي ٿي. پنجاب وارن خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان کي ملائڻ لاءِ هنن کي کوٽ کان آجو قرار ڏنو آهي، حالانڪه پاڻي کوٽ يا واڌ ۾ هر ڪنهن جو برابر يا هڪ جيترو حصو آهي. هنن انهي جو سبب اهو ٻڌايو آهي ته هي ٻئي ننڍا صوبا آهن جو پاڻي ٺاهه ۾ هن جو تمام ٿورو حصو آهي.

سنڌ جا اعتراض:

سنڌ جا اعتراض هي آهن:

  1. پاڻي ٺاهه جي شق 2 تي عمل نه ٿو ٿئي.
  2. منگلا ڊيم ۾ ايندڙ ربيع لاءِ پاڻي ڀريو وڃي ٿو.
  3. منگلاڊيم مان سنڌ کي کوٽ واري وقت ۾ پاڻي نٿو ڏنو وڃي.
  4. سنڌو درياهه مان چشما – جهلم ۽ تونسا – پنجند لنڪ ڪينالن ذريعي انهن وقت پاڻي کنيو وڃي ٿو جڏهن سنڌ ۾ کوٽ هوندي آهي.
  5. کوٽ وقت خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان صوبن کي کوٽ کان آجو رکيو وڃي ٿو.

مکيه ڳالهه اها آهي ته ارسا کي پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو آهي. هو پاڻي ٺاهه ۾ مٽا سٽا نٿا ڪري سگهن. پر هو پاڻي ٺاهه جي شقن ۾ ڦير گهير ڪن ٿا جيڪو هنن جو پاور ئي ڪونهي. وري ارسا جي ڪيل فيصلن خلاف سنڌ وارا گڏيل مفادن واري ڪائونسل جنهن کي انگريزي ۾ Council of Common Interest چيو وڃي ٿو ۽ مختصر ڪري C.C.I. لکيو وڃي ٿو، ڏي نٿا وڃن. قانون ۾ آهي ته جنهن صوبي يا واپڊا کي ڪنهن فيصلي تي اعتراض هجي ته اهو صوبو يا واپڊا لکت ۾ سي سي آءِ کي اعتراض لکي موڪلين جيڪو سنڌ وارن نه ڪيو آهي. انهي سلسلي ۾ مان سڀني جي موجوده يا پراڻن آفيسرن کان جاچ ڪئي آهي پر اڃان تائين اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته اهڙو ڪو ليٽر سنڌ پاران سي سي آءِ کي لکيو ويو آهي.

ايڪنڪ جي فيصلن تي سنڌ وارن جو موقف

پنجاب وارن جي چرچ تي ايڪنڪ وارن ٽي اسڪيمون زيرغور ڪيون آهن. هڪڙي آهي گريٽر ٿل ڪينال فيز ٽو، ٻي آهي جلال پور ڪينال ۽ ٽين آهي چوبارا ڪينال. گريٽر ٿل ڪينال فيز ٽو انهي ڪري منظور نٿي ڪري سگهجي جو پاڻي ٺاهه ۾ انهي جي allocation  ئي ناهي. پاڻي ٺاهه گريٽر ٿل ڪينال فيز ون جي وڌ ۾ وڌ allocation ڏهاڪي واري خريف ۾ ورهاست ۾ ٺاهه ۾ 5.9 هزار ڪيوسڪ آهي. وري ربيع ۾ ڪا allocation ڪانهي. جڏهن هو فيز ون ٺاهي ويا آهن ته وڌيڪ ڇا کپي؟ جيڪڏهن هنن انهي رٿا لاءِ وڌيڪ پاڻي کنيو ته ان جو اثر سنڌ تي ٿيندو ۽ سنڌ ۾ گهٽ پوک ٿيندي. مان جيئن مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته ڪنهن به پهرين ٺهيل نظام جو پاڻي ئي نه آيو آهي ته وڌيڪ پاڻي کڻڻ جو ڪو جواز ڪونهي.

اچو چوبارا ڪينال تي. اهو واهه به گريٽر ٿل ڪينال فيز ون مان ڪڍيو وڃي ٿو جنهن جي پاڻي ٺاهه ۾ ڪا allocation ناهي. انهي واهه ٺهڻ ڪري به مٿي نيون زمينون آباد ٿينديون پر سنڌ جو پاڻي گهٽبو. تنهن ڪري اهو به نه ٺهڻ گهرجي.

اچو وري جلال پور ڪينال تي. اهو واهه چناب درياهه جي سليمانڪي بيراج کان ڪڍڻ جو ارادو آهي. پاڻي ٺاهه ۾ انهي جي به allocation ڪانهي. جڏهن ٺاهه ۾ allocation ئي ڪونهي ته اهو ڪيئن ٿو ٺهي سگهي؟ ۽ انهي جي نتيجي ۾ پنجاب ۾ ته نيون زمينون آباد ٿينديون پر نتيجي ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ٿيندي. تنهن ڪري اهو واهه به نه ٺهڻ کپي.

ٻيا اعتراض

  1. پنجاب جي حڪومت اسان کي انهن ٽنهي رٿائن جي ڪاپي ئي نه ڏني آهي. عام طرح هر ڪنهن صوبي کي هر رٿا جي ڪاپي موڪلي ويندي آهي ته جيئن هر ڪنهن صوبي جا view وٺي سگهجن. انهي ۾ به پنجاب وارن جو هٿ آهي، جو هو مٿان مٿان ئي رٿائون منظور ڪرائي سگهن.
  2. ايڪنڪ وارن جلال پور رٿا جي منظوري سال 2018ع جي 7 فيبروري تي ڏئي ڇڏي، جنهن جي قيمت اٽڪل 33 ارب رپيا آهي. جڏهن سنڌ وارن کي ان جو پي سي ون ئي نه موڪليو ويو آهي ته ايڪنڪ ان جي منظوري ڇو ڏني؟
  3. سنڌ وارن مٿين رٿائن تي اسيمبلي مان انهن خلاف ٺهراءُ پاس ڪرايا آهن. انهن ٺهرائن تي به ڪو عمل نٿو ڪيو وڃي، انهن ٺهرائن ۾ چيو ويو آهي ته انهن اسڪيمن تي ڪم بند ڪيو وڃي.
  4. CDWP گڏجاڻي ۾ پنجاب وارن چيو ته سنڌ وارن جا اعتراض اجايا آهن، تنهن ڪري حصيدارن کان صلاح وٺڻ غلط آهي.

منهنجي خيال ۾ سنڌ وارن کي هيٺيان ڪم ڪرڻ کپن:

  1. سي سي آءِ لاءِ سنڌ وارا ليٽر لکن.
  2. انهن ٽنهي منصوبن جي مخالفت ڪن.
  3. ارسا وارن کي چون ته پاڻي ٺاهه تي صحيح نموني ۾ عمل ڪن.

اميد ته سنڌ جا مسئلا حل ٿي ويندا. پر چوندا آهن ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا هوندا آهن. سنڌ وارا غريب آهن ۽ پنجاب وارا ڏاڍا. پر لٺ کي ٽوڙي به سگهجي ٿو.