مني بجيٽ يا مهانگائي جو طوفان

0
251
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

 مني بجيٽ اڄ وفاقي ڪابينا۾ منظوري لاءِ  پيش ڪيو ويندو،جنهن ۾ 350 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو امڪان آهي جنهن سان مهانگائي جو اهڙو طوفان ايندو جنهن جي سٽ سهڻ جي طاقت شايد غريب عوام جي وس ۾ نه هجي.توڙي جو حڪومت اعلان ڪندي رهي آهي ته ان جو بار غريب عوام تي پوڻ  نه ڏنو ويندو پر ان اعلان تي مڪمل عمل ڪرڻ حڪومت جي وس ۾ ئي ناهي ۽ غريب عوام انهي مهانگائي جي بار هيٺان ڏينهون ڏينهن دٻجي رهيو آهي ۽ جيڪي حڪومتي اعلان آهن اهي رڳو ڪاغذي ڪارروائي ۾ رهجي وڃن ٿا پر سرزمين تي انهن جو اثر نظر نه ٿو اچي.ڪابينا جيڪڏهن اها مني بجيٽ منظور ڪئي ته پوءِ اهو ترميمي فنانس بل هڪ ٻن ڏينهن ۾قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. چيو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف جي هڪ ارب ڊالرز قرض جا شرط ترميمي  فنانس بل ۾ شامل آهن،جيڪي پاس ٿيڻ کانپوءِ ئي اها قسط ملي سگهندي جنهن کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت اڳواٽ ئي بجلي جا اگهه وڌائڻ کان وٺي پيٽروليم جي شين جا اگهه به وڌائي ڇڏيا ته مختلف شين تي ڏنل سبسڊيون به ختم ڪري ڇڏيون.

اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته   اسٽيٽ بئنڪ جي خود مختياري جو بل به  انهي فنانس بل سان گڏ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف جو اهو شرط هو  ته ترميمي فنانس بل ڪنهن آرڊيننس بدران اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ ضروري آهي.هوڏانهن ناڻي جي صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته 12 جنوري تي آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ به ڇهين جائزي واري رپورٽ پيش ڪئي ويندي.هن چيو ته پاڪستان 12 جنوري کان اڳ آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪندو، ترميمي فنانس بل ۾ 350 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ واپس ورتي ويندي. اها سڄي صورتحال ٻڌائي ٿي ته نئون سال مهانگائي جو اهڙو طوفان ساڻ کڻي ايندو جنهن کي سنڀالڻ شايد ئي ڪنهن جي وس ۾ هجي ڇاڪاڻ ته جڏهن معاشي حالتون خراب هجن ۽ ملڪي سياسي ماحول غير يقيني جو شڪار هجي تڏهن معيشت جي بهتري جو امڪان نه هئڻ برابر هوندو آهي.هي حڪومت جيڪو نعرو کڻي آئي هئي ته ڪرپشن کي روڪي معيشت کي بهتر بڻايو ويندو اها ان ۾ هن وقت تائين ناڪام نظر اچي رهي آهي.

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل  سميت جيڪي رپورٽون اچي رهيون آهن اهي ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري رهيون آهن ته ڪرپشن گهٽ ٿيڻ بدران وڌي آهي ٻئي پاسي وري سياسي ماحول جيڪو ڪجهه وقت اڳ تائين هڪڙي تسلسل ۾ هلي رهيو هو هاڻي اهو به غير يقيني جو شڪار ٿي رهيو آهي، ايستائين جو حڪومت کي چوڻو پئجي رهيو آهي ته نااهل قرار ڏنل شخص چوٿون ڀيرو ڪيئن ٿو وزيراعظم ٿي سگهي؟ جڏهن ته شهزاد اڪبر چئي ٿو ته نواز شريف جي سزا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪجهه ماڻهو لنڊن ويل آهن، اهي سڀ شيون ٻڌائين پيون ته حڪومت پاڻ ٻڏتر جو شڪار آهي.نواز شريف جي سزا ختم ٿئي ٿي يا نه اهو معاملو عدالتن کي ڏسڻو آهي پر هڪ ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ملڪ ۾ سياسي غير يقيني آهي ته سڀاڻي ڇاٿيڻو آهي؟ جڏهن ته پرڏيهي  سيڙپڪاري سميت سي پيڪ جهڙا منصوبا به سستي جو شڪار آهن جنهن ڪري ملڪي معيشت تي بار وڌي رهيو آهي ۽  انهي جو شڪار عام عوام ئي ٿي رهيو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ مني بجيٽ  جو اچڻ آءِايم ايف جي شرطن تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو  بار وري به عوام تي پوڻو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته حڪومت پنهنجون اوليتون  سڌيون ڪري.ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي،رڳو اهو طريقو درست ناهي ته سڄو بار عوام جي مٿان وڌو وڃي جيڪو اڳ ئي مهانگائي جي ڪري پريشان آهي، 350 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ  جو مطلب اهي پئسا به عوام جي کيسي مان ڪڍيا ويندا، جنهن سان بجلي سميت پيٽرول، گئس  ٻين عام استعمال جي شين جا اگهه به وڌندا.تنهن ڪري حڪومت اڄ مني بجيٽ ڪابينا مان منظور ڪرڻ وقت انهي ڳالهه جو خاص خيال رکي ته جيئن عوام تي گهٽ ۾ گهٽ بار پوي ٻي صورت ۾ انهي وڌندڙ مهانگائي خلاف عوام وٽ رستن تي اچڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ نه هوندي.