شڪارپور: ٻار هونئن ئي مرن ٿا، بهتر آهي ته پوليو جو شڪار ٿين، ڳوٺاڻن پاران پوليو مهم جو بائڪاٽ

0
280

شڪارپور: رائيس واھ ويجهو ڳوٺاڻن گھر ڊھڻ تي پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪندي ٻارن کي ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي چيو ته سخت گرمي باوجود کليل آسمان ھيٺ رھون پيا، گرمي سبب ٻارڙا بيمار آھن مرن ٿا، بھتر آھي ته پوليو جا شڪار ٿين، ڳوٺ سرھائي شر جي رھواسين سندن جا ڳوٺ ڊاهڻ خلاف پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پياريا ويا. گھر ٺاھڻ جي اجازت ڏيڻ تائين هو پنهنجن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پياريندا، ڳوٺاڻن جي بائيڪاٽ بعد پوليو ٽيم ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ بنا واپس ھلي وئي.