ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب ويجھو ڳوٺ منٺار ڪيھر ۾ 24 ورھين جي عورت ثمينا زال گل جان ڪيھر کي مبينا طور ڪارنھن جي الزام ۾ گوليون هڻي قتل ڪرڻ جو واقعو پيش آيو آھي، اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي شڪارپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ھوڏانھن پوليس ھڪ جوابدار علي جان پٽ علي گوھر ڪيھر کي بندوق سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان ميان صاحب ٿاڻي جي ايس ايچ او منظور احمد مهر ٻڌايو ته ڳوٺ منٺار ڪيھر ۾ مسمات ثمينا زال گل جان ڪيھر کي سندس ڏير پنھنجي ئي برادري جي نوجوان سان ڪارنھن جو الزام ڏئي قتل ڪيو آھي، هڪ جوابدار علي جان ڪيهر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، وڌيڪ واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون، هوڏانهن عورت جي سهري علي گوھر ڪيھر ۽ گلشير ڪيھر ٻڌايو ته عورت کي ڪارنهن الزام ۾ قتل نه ڪيو آهي، 2 ڀائر پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا ته اتفاقي گولي لڳڻ سبب عورت جو موت ٿيو آھي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.